وڏي وزير پاران ڪراچيءَ ۾ ڏيڍ سؤ سال پُراڻي بڙ جي وڻ جي بحالي کي ماحولياتي تحفظ لاءِ اهم قدم ۽ ماضي ۽ حال جي رشتي جي علامت قرار

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ 150 سال پراڻي بڙ جي وڻ جي بحالي کي ماحولياتي تحفظ لاءِ اهم قدم ۽ ماضي ۽ حال جي رشتي جي علامت قرار ڏنو آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب هي تاريخي وڻ قصرِ ناز ڪلب روڊ تي واقع آهي جيڪو تازي مون سون برساتن دوران تيز هوائن سبب ڪري پيو هو. سنڌ فاريسٽ کاتي جي سربراهي ۾ …

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ 150 سال پراڻي بڙ جي وڻ جي بحالي کي ماحولياتي تحفظ لاءِ اهم قدم ۽ ماضي ۽ حال جي رشتي جي علامت قرار ڏنو آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب هي تاريخي وڻ قصرِ ناز ڪلب روڊ تي واقع آهي جيڪو تازي مون سون برساتن دوران تيز هوائن سبب ڪري پيو هو. سنڌ فاريسٽ کاتي جي سربراهي ۾ ٻه ڏينهن جاري رهندڙ ريسڪيو آپريشن دوران هن وڻ کي بچائي نئين جاءِ تي منتقل ڪيو ويو جنهن سان ان کي نئين حياتي ملي. چيف ڪنزر ويٽر جاويد مهر جي جمع ڪرايل ٽيڪنيڪل رپورٽ موجب بڙ جي وڻ جون پاڙون پاڻي جي کوٽ سبب فنگس ۽ اڏھي جي حملي سان متاثر ٿي ويون هيون. ڳري ڪرينن جي مدد سان وڏو وڻ ويجهو ئي مناسب جاءِ تي احتياط سان منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو آپريشن دوران گڏ موجود نم ۽ ڪمني جا وڻ به محفوظ نموني سان بهتر جڳهن تي منتقل ڪيا ويا. وڏي وزير سنڌ فاريسٽ کاتي جي ريسڪيو ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي نوجوانن تي زور ڀريو ته هو تاريخي وڻن جي تحفظ جي اهميت کي سمجهن جن کي هن ’’ورثو ۽ ماحولياتي استقامت جي زنده علامت‘‘ قرار ڏنو. وڏي وزير چيو ته هي بحالي رڳو هڪ وڻ کي بچائڻ جو عمل ناهي پر تاريخ جي تحفظ ۽ ماحول کي وڌيڪ سائو ۽ صحتمند مستقبل ڏانهن قدم آهي.