ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينه اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس

اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن لاءِ 3.813 ارب رپين جي قسط، ڪيپٽو پاور صارفين تي لڳندڙ ٽرانسميشن ليوي بابت طريقيڪار ۽ گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ سٽيلن ۽ امدادي ڪاررواين لاءِ 3 ارب رپين جا فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اي سي سي جو اجلاس وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ …

اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن لاءِ 3.813 ارب رپين جي قسط، ڪيپٽو پاور صارفين تي لڳندڙ ٽرانسميشن ليوي بابت طريقيڪار ۽ گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ سٽيلن ۽ امدادي ڪاررواين لاءِ 3 ارب رپين جا فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اي سي سي جو اجلاس وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ توانائيءَ واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، قومي غذائي تحقيق ۽ تحفظ واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين، صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان سميت ٻين ميمبرن، وفاقي سيڪريٽرين، لاڳاپيل ريگيوليٽري ادارن جي نمائندن ۽ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڌ سماءَ واري وزارت پاران پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن لاءِ ٽيرف ايڊجسٽمينٽ ۽ نيٽ ميٽرنگ جي مد ۾ 11 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي سمري تي غور ڪيو. ڪميٽيءَ 3.813 ارب رپين جي فوري، جڏهن ته باقي رقم پگهارن، پينشنن ۽ رياستي نشرياتي اداري جي آپريشنل خرچن جي ادائگيءَ لاءِ ٽه ماهي بنيادن تي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پي ٽي وي کي بجيٽ معاونت تي ڀاڙڻ  کي گهٽائي پاڻڀرو راهه اختيار ڪرڻي پوندي. اجلاس ۾ ميسرز سينر جيڪو پي ڪي لميٽيڊ (سي پي ايل) 2019ع کان پيٽروليم ليوي جي بقايائن جي وصولي جي معاملي تي تفصيلي بحث ٿيو. اي سي سي، ايس آءِ ايف سي اپيڪس/اي سي/آءِ سي جي فيصلن ۾ روشنيءَ ۾ تيار ڪيل سيٽلمينٽ فريم ورڪ جي منظوري ڏني ته جيئن آڊٽ ٿيل اصل بقايائن جي رقم جي وصوليءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪميٽيءَ پيٽروليم ڊويزن کي سي پي ايل سان تجويز ڪيل سيٽلمينٽ ڊيڊ تي صحيح ڪرڻ جي اجازت ڏيندي هدايت ڏني ته سموريون بقايائون معاهدي جي شرطن موجب سختيءَ سان وصول ڪيون وڃن. اجلاس ۾ پاور ڊويزن طرفان ڪيپٽو پاور صارفين تي لڳندڙ ٽرانسميشن ليوي ۾ رليف جي سمري تي غور ڪيو ويو. اي سي سي ڊويزن جي تجويز ڪيل طريقيڪار جي منظوري ڏني جنهن تحت ڪيپٽو پاور ڪنزيومر کان وصول ٿيندڙ ليوي جو فائدو گرڊ صارفين کي منتقل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ مچيڪي- ٿليان، تاروجبه وائٽ آئل پائيپ لائن منصوبي جي ٽيرف تعين جي جائزي بابت پيٽروليم ڊويزن جي سمري جو به جائزو ورتو ويو. هي منصوبو پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ بين الحڪومتي بنياد تي اڳتي وڌايو پيو وڃي. ڪميٽي ڊويزن جي تجويز ڪيل شرطن ۽ ضابطن جي منظوري ڏني ته جيئن ان اسٽريٽجڪ منصوبي جي شروعات ممڪن ٿي سگهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي، واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جا ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلستان واري وزارت ۽ رياستن ۽ سرحدي علائقن بابت وزارت طرفان وزيراعظم جي تازي دؤري دوران گلگت بلتستان ۾ ڏنل هدايتن موجب ٻوڏ سٽيل لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جي سمري تي پڻ غور ٿيو. ڪميٽي متاثر ڪٽنبن لاءِ خيما، دوائون، خوراڪ ۽ ٻيو ضروري سامان، تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير ۽ متاثر ڪميونٽينز جي بحاليءَ جي قدمن لاءِ 3 ارب رپين جا فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني.