سموريون سياسي پارٽيون گذريل مالي سال جا مالي گوشوارا 29 آگسٽ تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ جون پابند آهن: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ياد ڏياريو آهي ته هو اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 204 ۽ 210  ۽ اليڪشن رولز 2017ع جي قاعدن 159 ۽ 160 تحت پنهنجي پارٽيءَ جي مالي سال 25-2024ع (جنهن جي جون 2025ع ۾ پڄاڻي ٿيندي) جي طئي ٿيل مالي گوشوارا 29 آگسٽ 2025ع تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ جا پابند آهن. اهي …

اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ياد ڏياريو آهي ته هو اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 204 ۽ 210  ۽ اليڪشن رولز 2017ع جي قاعدن 159 ۽ 160 تحت پنهنجي پارٽيءَ جي مالي سال 25-2024ع (جنهن جي جون 2025ع ۾ پڄاڻي ٿيندي) جي طئي ٿيل مالي گوشوارا 29 آگسٽ 2025ع تائين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ جا پابند آهن. اهي گوشوارا باقاعده طور تي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ کان تصديق هئڻ گهرجن ۽ کين فارم ڊي تي مڪمل تفصيل سان گڏ پيش ڪرڻ لازم آهي. اليڪشن ڪميشن مان جاري بيان موجب اليڪشن ايڪٽ جي شق 210 موجب هر سياسي پارٽي ان ڳالهه جي قانوني طور تي پابند آهي ته مالي سال جي پڄاڻيءَ جي 40 ڏينهن اندر پنهنجا مالياتي گوشوارا اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪري، جن ۾ پارٽيءَ جي سالياني آمدني ۽ خرچ، آمدنيءَ جا ذريعا ۽ فنڊنگ، اثاثن ۽ بقايائن جي وضاحت شامل هجي، انهن گوشوارن تي پارٽيءَ جي مجاز عهديدار جي صحيح هئڻ اڻٽر آهي جيڪا ان ڳالهه جي باقاعده تصديق ڪري ته پارٽي ڪنهن منع ٿيل يا غير مجاز ذريعي سان ڪا مالي معاونت حاصل ناهي ڪئي ۽ هي ته پيش ڪيل مالي معلومات پارٽيءَ جي حقيقي مالي حالت جي عڪاس آهي. سمورا گوشوارا چارٽرڊ اڪائونٽنٽ طرفان آڊٽ هئڻ گهرجن ۽ ان سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جي جاري ڪيل تازي تجديد ٿيل سَنَد شامل هئڻ گهرجي. فارم ڊي اليڪشن ڪميشن جي مرڪزي سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۽ چئني صوبن ۾ قائم صوبائي اليڪشن ڪميشن جي آفيسن کان بنا معاوضي دستياب آهي، جڏهن ته اهي فارم ڪميشن جي سرڪاري ويب سائٽ تي پڻ فراهم ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو ته فارم ۾ ڪنهن قسم جي غلط بياني يا اوور رائيٽنگ قابلِ قبول نه هوندي ۽ هر سياسي پارٽيءَ تي لازم آهي ته هو فارم سان پهرين جولاءِ 2024ع کان 30 جون 2025ع جي مُدت دوران سمورا بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل بئنڪ اسٽيٽمينٽس به لڳائين. سمورا مالياتي گوشوارا سڌيءَ ريت مجاز پارٽي نمائندي ذريعي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، شاهراه دستور، سيڪٽر 2/5 جي، اسلام آباد جي آفيس ۾ پهچائڻ لازم هوندا، ڪنهن به قسم جا دستاويز پوسٽ ذريعي، فيڪس، ڪوريئر يا ٻين غير روايتي ذريعن کان وصول هئڻ جي صورت ۾ کين رد ڪيو ويندو جيئن ته اليڪشن رولز 2017ع جي قاعدي 156 ۾ وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي. معلومات يا وضاحت کي حاصل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي فون نمبر 9205611 (051)+92 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.