اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام وزارت ۾ عالمي تنظيمن ۽ قومي اين جي اوز سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس دوران ٻوڏ سٽيلن لاءِ فوري امداد جي اپيل ڪئي آهي. ان موقعي تي نمائندن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته هو ذاتي طور تي ڪيترن ئي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دؤرو ڪري چڪو آهي ۽ تباهيءَ جي شدت کي …
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي عالمي تنظيمن ۽ قومي اين جي اوز سان اجلاس دوران فوري امداد جي اپيل

مزید خبریں
اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام وزارت ۾ عالمي تنظيمن ۽ قومي اين جي اوز سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس دوران ٻوڏ سٽيلن لاءِ فوري امداد جي اپيل ڪئي آهي. ان موقعي تي نمائندن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته هو ذاتي طور تي ڪيترن ئي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دؤرو ڪري چڪو آهي ۽ تباهيءَ جي شدت کي ويجهو کان ڏٺو آهي، هزارين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ اهم ڪميونٽي ڍانچو تباهه ٿي چڪو آهي. وفاقي وزير امدادي ۽ بحاليءَ جي قدمن ۾ فوري ۽ مربوط ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته اسان ماضيءَ جي بحرانن ۾ عالمي تنظيمن ۽ قومي اين جي اوز جي ڪوششن کي تسليم ڪريون ٿا، اڄ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪريون ٿا ته روزگار جي بحالي، گهرن جي نئين سر تعمير ۽ ڪميونٽي ڍانچي جي بحاليءَ لاءِ فوري تعاون فراهم ڪن، اسان کي اوهان جي ڀائيواري، فني مهارت ۽ وسيلن جي ضرورت آهي ته جيئن اسان ماڻهن جي زندگين ۽ ڪميونٽيز کي ٻيهر بحال ڪري سگهون. گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ اجلاس کي خطاب ڪندي ٻوڏ بابت امدادي ڪوششن ۾ گڏيل قومن جي سهڪار جي خاطري ڪرائي، اسان ان ڏُکئي وقت ۾ پاڪستان جي عوام سان گڏ آهيون. اجلاس ۾ يو اين ايڇ سي، آءِ آر سي، يو اين آءِ او ايم، جي آءِ زيڊ، يونيسيف، مالٽيسر انٽرنيشنل، سيو دي چلڊرين، ايڪشن اگينسٽ هنگر، مسلم هينڊز، هاشو فائونڊيشن ۽ رليف انٽرنيشنل سميت ڪيترن ئي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران مختلف علائقن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جا وڊيو فوٽيج به شرڪت ڪندڙن کي ڏيکاريا ويا. عالمي تنظيمن ۽ ۽ قومي اين جي اوز ٻوڏ سٽيل ڪميونٽيز جي بحاليءَ ۾ ڀرپور سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو.











