وزيراعظم پاران ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فضائيه جي ڪردار کي شاندار خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فضائيه جي ڪردار کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته معرڪه حق دوران پاڪ فضائيه جي شاهينن دشمن جا جهاز ڪيرائي ڪاري ضرب پهچائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو ملاقات ڪئي. …

اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فضائيه جي ڪردار کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته معرڪه حق دوران پاڪ فضائيه جي شاهينن دشمن جا جهاز ڪيرائي ڪاري ضرب پهچائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو ملاقات ڪئي. وزيراعظم ملڪ جي دفاع جي حوالي سان پاڪ فضائيه جي ڪردار کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪ فضائيه جا شاهين ملڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي جي ديوار آهن. ملاقات ۾ پاڪ فضائيه جي پيشيواراڻي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.