نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو مصر، الجزائر ۽ اتر آفريقا جي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ

جده - 26 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر، الجزائر ۽ اتر آفريقا جي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالطي ۽ الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عطاف سان او آءِ …

جده – 26 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر، الجزائر ۽ اتر آفريقا جي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالطي ۽ الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عطاف سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان فلسطين جي سنگين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ هن مشڪل وقت ۾ مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد جي اهميت کي اجاگر ڪندي انساني همدرديءَ جي بنياد تي پهچ، جنگبندي ۽ پائيدار امن جي فوري ضرورت تي زور ڏنو آهي. اسحاق ڊار چيو ته هن مصر، الجزائر ۽ اتر آفريقا جي پنهنجي ڀائر ملڪن سان مختلف شعبن ۾ بهتر رابطي ۽ وسيع تعاون جي ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.