بارسلونا- 26 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي بارسلونا ۾ ڪاٽالونيا پارليامينٽ جو دورو ڪيو ۽ ڪاٽالونيا پارليامينٽ جي ميمبرن، البرٽو بونڊيسو (پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي اسپيڪر) ۽ ارنيسٽو ڪاريون سان ملاقات ڪئي. هتي مليل پريس رليز موجب ملاقات ۾ جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ جي اهم ڪردار تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. هن چيو ته صرف جمهوري ادارا عوامي مسئلن جو حقيقي حل فراهم …
خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران بارسلونا ۾ ڪاٽالونيا پارليامينٽ جو دورو

مزید خبریں
بارسلونا- 26 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي بارسلونا ۾ ڪاٽالونيا پارليامينٽ جو دورو ڪيو ۽ ڪاٽالونيا پارليامينٽ جي ميمبرن، البرٽو بونڊيسو (پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي اسپيڪر) ۽ ارنيسٽو ڪاريون سان ملاقات ڪئي. هتي مليل پريس رليز موجب ملاقات ۾ جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ جي اهم ڪردار تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. هن چيو ته صرف جمهوري ادارا عوامي مسئلن جو حقيقي حل فراهم ڪري سگهن ٿا ۽ پارليامينٽ ڪنهن به ملڪ جي سياسي ۽ عوامي طاقت جو مرڪز هُوندي آهي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ڪاٽالونيا جي وچ ۾ عوام کان عوام تائين رابطا وڌائڻ، جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ پارلياماني تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ پشاور ۽ بارسلونا کي سسٽر سٽي جو درجو ڏيڻ تي به خيالن جو اظهار ڪيو ويو. هن بارسلونا جي گورنر کي پشاور جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ۽ هڪ يادگار سووينئر پيش ڪيو. ان موقعي تي ويلفيئر قونصلر چوڌري سالڪ گوندل، پاڪ فيڊريشن اسپين جو صدر فيض الله ساهي، سينئر سوشلسٽ پارٽي اڳواڻ ۽ پاڪ فيڊريشن جو سينئر نائب صدر حافظ عبدالرزاق صادق، جنرل سيڪريٽري راجا مختار سوني، فنانس سيڪريٽري پرويز اختر جاني، چيئرمين ڪشمير افيئرز ملڪ شريف، ڊپٽي اسپيڪر اياز عباسي، ڪشمير ڪائونسل يورپ جو سيد علي رضا، سينئر صحافي محسن رضا، نوجوان صحافي علي فرقان، اسد نواز ۽ پروفيسر طاهر سميت ٻيون اهم شخصيتون پڻ موجود هيون.











