پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان پاران اسرائيل طرفان خان يونس ۾ ڇهن وڌيڪ صحافين جي وحشياڻي قتل جي سخت مذمت

اسلام آباد- 26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان اسرائيل طرفان خان يونس ۾ ڇهن وڌيڪ صحافين جي وحشياڻي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ ڇهن صحافين جو وحشياڻو قتل اسرائيل جي صحافت سان دشمني ۽ سچ کي دٻائڻ جي ان جي بدنيتي جو ناقابل ترديد ثبوت آهي. عالمي برادري کي هن ظالماڻي ۽ بي رحماڻي قتل عام خلاف …

اسلام آباد- 26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان اسرائيل طرفان خان يونس ۾ ڇهن وڌيڪ صحافين جي وحشياڻي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ ڇهن صحافين جو وحشياڻو قتل اسرائيل جي صحافت سان دشمني ۽ سچ کي دٻائڻ جي ان جي بدنيتي جو ناقابل ترديد ثبوت آهي. عالمي برادري کي هن ظالماڻي ۽ بي رحماڻي قتل عام خلاف فوري، اثرائتا ۽ عملي قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن هڪ انساني الميو روڪي سگهجي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب شيري رحمان چيو ته اسرائيل جي ظالماڻين ۽ غيرانساني پاليسين ڇهن وڌيڪ صحافين کي هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو صحافت ۽ اظهار جي آزادي تي سڌو وار آهي. صحافين جو قتل نه رڳو هڪ وحشياڻو ڏوهه آهي پر عالمي قانونن تحت هڪ سنگين جنگي ڏوهه پڻ آهي. اسرائيل دنيا جي سامهون کليل طور تي دهشتگردي، ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته غزه ۾ ڇهن صحافين جو وحشياڻو قتل اسرائيل جي صحافت سان دشمني ۽ سچ کي دٻائڻ ۾ ان جي بدنيتي جو ناقابل ترديد ثبوت آهي. اسرائيل پاران اسپتالن، ٻارن، عورتن ۽ صحافين سميت  اسرائيل ڪو به حدف انسانيت جي حدن کان ٻاهر آهي. ان جو هر قدم انسانيت جي خلاف ورزي ۽ اخلاقي زوال جو بدترين مثال آهي. النصر اسپتال تي بمباري اسرائيل جي غير انساني ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي جو واضح ثبوت آهي، جيڪو دنيا جي ضمير کي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. شيري رحمان چيو ته اسرائيل، جنهن جا هٿ صحافين جي رت سان رنگيل آهن، کي ڪو به حق ناهي ته هو پاڻ کي جمهوريت ۽ آزادي جو چيمپيئن قرار ڏئي. غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اها ڪنهن به طرح سان جنگ ناهي، پر هڪ نسل ڪشي، انساني حقن جي خلاف ورزي ۽ سچائي خلاف جنگ جو اعلان آهي. شيري رحمان چيو ته عالمي برادري جي ذميواري آهي ته هو هن ظالماڻي ۽ بي رحماني قتل عام خلاف فوري، اثرائتا ۽ عملي قدم کڻي ته جيئن هن انساني الميي کي روڪي سگهجي.