پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تازن مهينن ۾ ٻنهي ملڪن پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس الوداعي ملاقات …

اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تازن مهينن ۾ ٻنهي ملڪن پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هئا. وزيراعظم امارات جي سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان تڪميل تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ سندس ڪردار تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان جي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ ڪردار تي سندس قيادت کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ته تازن مهينن ۾ ٻنهي ملڪن انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، جن ۾ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان، ابوظهبي جي ولي عهد شيخ خالد بن محمد بن زايد النهيان جا دورا، پاڪستان – يو اي اي جي گڏيل وزارتي ڪميشن ۽ تازو ئي هڪ باضابطا آپريشنل ڊيوٽي پاسپورٽ – هولڊرز معاهدي تي صحيحون ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته هو جلد کان جلد شيخ محمد بن زايد النهيان جي پاڪستان جي سرڪاري دوري جو منتظر آهي، ان سان ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي. گڏيل عرب امارات جي سفير الوداعي ملاقات تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي 9 سالا قيام دوران حڪومت سان گڏوگڏ عوام پاران ملندڙ حمايت ۽ دوستي تي تمام گهڻو شڪرگذار آهي. ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام جي وچ ۾ دوستي جي خصوصي رشتن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هو مستقبل ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي مضبوط لاڳاپن جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو.