وزيراعظم سان گلگت بلتستان جي علائقي غذر ۾ گليشيئر ڦاٽڻ سبب ايندڙ طوفان جو اڳواٽ اطلاع ڏئي سوين جانيون بچائيندڙ ٽن ڌنارن جي ملاقات

اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي علائقي غذر ۾ گليشيئر ڦاٽڻ سبب ايندڙ طوفان جو اڳواٽ اطلاع ڏئي سوين جانيون بچائيندڙ گلگت بلتستان جي ٽن ڌنارن سان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪري انهن کي جرئت ۽ بهادري ۽ فرض شناسي تي کين شاباس ڏني ۽ کين گلگت بلتستان جو هيرو قرار ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري …

اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي علائقي غذر ۾ گليشيئر ڦاٽڻ سبب ايندڙ طوفان جو اڳواٽ اطلاع ڏئي سوين جانيون بچائيندڙ گلگت بلتستان جي ٽن ڌنارن سان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪري انهن کي جرئت ۽ بهادري ۽ فرض شناسي تي کين شاباس ڏني ۽ کين گلگت بلتستان جو هيرو قرار ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وصيت خان، انصار ۽ محمد خان سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. وزيراعظم وقت سر اطلاع ڏئي ڳوٺ جي 300 رهواسين جون حياتيون بچائڻ تي انهن کي شاباس ڏني ۽ چيو ته هو قوم جا هيرو آهن ۽ انهن قومي خدمت سرانجام ڏني آهي. وزيراعظم وصيت خان، انصار ۽ محمد خان کي پاڪستان حڪومت پاران 25، 25 لک رپين جا انعام چيڪس پڻ ڏنا. وزيراعظم چيو ته سندن وقت سر قدم جي ڪري مون سميت پوري پاڪستاني قوم کي انهن تي فخر آهي، اڳواٽ اطلاع جي ڪري علائقي کي وقت سر خالي ڪرائي سوين انسانن جون جانيون بچايون ويون. وزيراعظم چيو ته انساني خدمت جو اهو قدم سدائين سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي موسمياتي تبديلي واري وزارت ۾ اڳواٽ اطلاع جي نظام تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، مستقبل جي لاءِ اهڙو ٺوس نظام جوڙيو پيو وڃي جنهن سان وقت سر اطلاع جي ڪري ڪنهن به هنگامي صورتحال يا سانحي کان بچي سگهبو. وصيت خان، انصار ۽ محمد خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هنن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان هو انساني جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا جنهن تي هو الله جا شڪرگذار آهن. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هو.