جده - 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطين بابت اسرائيل جي انتهائي اشتعال انگيز ۽ خطرناڪ بيانن جي سخت مذمت ۽ پاڪستان پاران فوري ۽ موثر جنگبندي جي مطالبي جي ورجاءُ سان گڏ ستن اهم قدمن جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي وحشياڻي فوجي حملن ۾ 60 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، فلسطيني عوام همدرديءَ …
پاڪستان پاران فلسطين بابت اسرائيل جي انتهائي اشتعال انگيز ۽ خطرناڪ بيانن جي سخت مذمت، اسرائيل جي وحشياڻي فوجي حملن ۾ 60 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، فلسطيني عوام همدرديءَ جي بيانن جي خواهشمند نه آهي، انهن کي پنهنجي مصيبتن جي خاتمي ۽ اسرائيلي قبضي کان آزادي جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي: محمد اسحاق ڊار

مزید خبریں
جده – 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطين بابت اسرائيل جي انتهائي اشتعال انگيز ۽ خطرناڪ بيانن جي سخت مذمت ۽ پاڪستان پاران فوري ۽ موثر جنگبندي جي مطالبي جي ورجاءُ سان گڏ ستن اهم قدمن جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي وحشياڻي فوجي حملن ۾ 60 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، فلسطيني عوام همدرديءَ جي بيانن جي خواهشمند نه آهي، انهن کي پنهنجي مصيبتن جي خاتمي ۽ اسرائيلي قبضي کان آزادي جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين غيرمعمولي اجلاس ۾ پنهنجي بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان پاران فوري ۽ موثر جنگبندي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو، انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائن، جبري لڏپلاڻ جي خاتمي، غيرقانوني آبادڪاري جي توسيع ۽ الحاق، فلسطينين جي خلاف ڏوهن ۽ عالمي ڏوهن جي خاتمي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته هي اجلاس ٻيهر منعقد ڪيو ويو جڏهن غزه ۾ رت وهايو ويو، منظم، اڳ کان طئي ٿيل ۽ ڄاڻي واڻي عالمي قانونن بشمول عالمي انساني قانون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ آءِ سي جي جي فيصلي جي خلاف ورزي ڪئي وئي، غزه معصوم جانين سان گڏوگڏ عالمي قانون خاص طور تي علامي انساني قانون جو قبرستان بڻجي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل جي وحشياڻي فوجي حملي ۾ 60 هزار کان وڌيڪ فلسطيني جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار ماريا ويا آهن. هن چيو ته اسپتالن، اسڪولن، گڏيل قومن جي سهولتن، امدادي قافلن ۽ پناهگيرن جي ڪئمپن کي منظم طريقي سان نشانو بڻائڻ اتفاق نه هو، اهو پوري دنيا جي نظريي ۾ گڏيل سزا جو غيرمهذب فعل هو. هن وڌيڪ چيو ته غزه هڪ وڏي پئماني تي انساني تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي، اٽڪل ٻن سالن کان اهو انڌاڌنڌ بمباري، مڪمل ناڪابندي ۽ ڄاڻي واڻي محرومي ۽ بک جو شڪار آهي جڏهن ته اولهندي ڪناري ۽ يروشلم ۾ تشدد ۽ بيدخلي وڌي رهي آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته قابض طاقت جو نام نهاد انساني نظام هڪ ظالماڻو فريب آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏڪار عروج تي آهي، خوراڪ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ شهرين کي گوليون هنيون پيون وڃن، غزه ۾ بک جو بحران ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي چڪو آهي. ان پس منظر ۾ هن چيو ته اسرائيل عالمي اصولن تي پنهنجي خصوصيت سان غيرحساسيت جو مظاهرو ڪيو. هن مشاهدو ڪيو ته ويجهڙ وارن ڏينهن ۾ اسرائيل پاران ڪيترائي انتهائي اشتعال انگيز ۽ غيرضروري بيان سامهون آيا آهن جنهن سان عالمي نظام جي لاءِ ان جي وڌندڙ نفرت نمايان ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن انتهائي وڌندڙ ۽ خطرناڪ بيانن جي شديد مذمت ڪري ٿو، اهڙن قدمن جو مطالبو ڪري ٿو جيڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ والاريل فلسطيني علائقي ۾ موجوده سنگين انساني صورتحال ۽ شهرين جي مصيبتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن سان گڏ عرب اسلامي وزارتي ڪميٽي جي جاري ڪيل بيان ۾ شامل ٿيو جنهن ۾ اسرائيلي اعلان جي شديد مذمت ۽ واضح ردعمل جو اظهار ڪيو ويو، ان کي ناقابل قبول وڌندڙ ۽ ڏاڍ جي ذريعي غيرقانوني قبضي جي ڪوشش قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان 31 عرب اسلامي ملڪن سان گڏوگڏ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرلز، ليگ آف عرب اسٽيٽس ۽ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل جي جاري ڪيل بيان جي پڻ مڪمل حمايت ڪئي ۽ ان ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن ۾ نام نهاد، گريٽر اسرائيل جي قيام جي لاءِ اسرائيلي وزيراعظم جي اشتعال انگيز بيان جي مذمت ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ان جو بيان قومي سلامتي جي لاءِ سڌوسنئون خطرو ۽ عرب رياست جي جوڙجڪ جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم واضح طور تي چيو هو ته ان جاري الميي جو بنيادي سبب اسرائيل جو فلسطيني سرزمين تي ڊگهو، غيرقانوني قبضو آهي، جيستائين اهو قبضو برقرار رهندو، امن قائم نه ٿيندو. اسحاق ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ان جي آزادي ۽ علائقائي سالميت کي لاحق خطرن جي خلاف ان جي خودمختياري جي تحفظ ۾ پنهنجي ڀائر عرب رياستن سان گڏ مڪمل طور تي بيٺل آهي. پاڪستان غزه ۾ امن کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورين رياستن ۽ ڌرين کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته فلسطيني عوام جي لاءِ استحڪام ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جاري حصيداري ۽ ثابت قدم حمايت ضروري آهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان فلسطيني رياست ۽ گڏيل قومن جي مڪمل ميمبرشپ جي حمايت ۾ وڌندڙ عالمي رفتار جي پڻ آجيان ڪئي ۽ انهن رياستن تي زور ڏنو جن اڃان تائين فلسطين جي رياست کي تسليم ناهي ڪيو اهي جلد کان جلد ان کي تسيلم ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام همدرديءَ جي بيانن جي خواهشمند نه آهي، انهن کي پنهنجي مصيبتن جي خاتمي ۽ اسرائيلي قبضي کان آزادي جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. او آءِ سي کي اتحاد، عزم ۽ مقصد سان گڏ ان چئلينج جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته فلسطيني سوال نام نهاد ”قاعدن تي ٻڌل آرڊر“ جي ساک جي لاءِ هڪ لمٽس ٽيسٽ آهي. فلسطيني عوام جي حقن کي برقرار رکڻ ۾ ناڪامي سان ڇوٽ کي سگهه ملندي ۽ انهي حڪم جي قانوني حيثيت کي نقصان پهچندو جنهن جو اسان سڀ دفاع ۽ برقرار رکڻ جي دعويٰ ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل جو غزه شهر تي قبضو ڪرڻ جو اعلان فلسطينين جي وجود ۽ ورثي کي مٽائڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش هوندي. ان جي سختي سان مخالفت ڪرڻ گهرجي. پنجون غزه جي لاءِ عرب ۽ او آءِ سي جي قيادت هيٺ نئين سر تعمير جي منصوبي جو لاڳو جيڪو تڪرارن کانپوءِ بحالي، پائيدار ترقي ۽ فلسطيني عوام جي وقار جي بحالي جي لاءِ هڪ اهم فريم ورڪ جي نمائندگي ڪري ٿو. عالمي قانون ۽ لاڳاپيل گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار رياست حل جي لاءِ هڪ حقيقي ۽ وقتي سياسي عمل جي بحالي ضروري آهي. هن چيو ته جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جو احتساب جي ذريعي اسرائيل کي گڏيل قومن جي چارٽر جي عالمي قانون بشمول عالمي انساني قانون ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي پابند قدمن جي خلاف ورزي ڪندي ڇوٽ سان ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. او آءِ سي کي انصاف کي يقيني بڻائڻ ۽ ڇوٽ جي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مڪينزم جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي بنيادي ذميواري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي لاڳو ٿئي ٿي. سلامتي ڪائونسل تي زور ڏيڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسرائيل عالمي برادري جي مطالبن ۽ مرضي کان انڪار ڪري ٿو ته ان جي قيمت ادا ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ڪائونسل کي غزه ۾ گهيري هيٺ آيل آبادي کي بچائڻ جي لاءِ عالمي حفاظتي فورس جي مقرري سميت لاڳو ڪرڻ جي قدمن کي لاڳو ڪرڻ گهرجي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته فلسطين پاڪستان جي ترجيح آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان فلسطينين جي خودمختياري جي حق، انصاف ۽ امن جي لاءِ عالمي حمايت کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي ۽ عرب حصيدارن سان ڪم جاري رکندو. هن زور ڏنو ته او آءِ سي کي فوري ۽ عزم سان ڪم ڪرڻ گهرجي ڇو ته هو تماشائي نه ٿا رهي سگهن. هن چيو ته فلسطيني علائقن تي اسرائيل جي ناجائز قبضي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بنيادي سبب کي حل ڪرڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ لازمي آهي. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ منصفاڻي ۽ پائيدار امن جي حوالي سان اسان جي گڏيل عزم جي ورجاءُ جي لاءِ هڪ ڀروسي جوڳي قدم جو وقت آهي.











