نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ملاقات

جده - 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته ان کان اڳ بنگلاديش جي دوري دوران به ساڻس تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، …

جده – 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته ان کان اڳ بنگلاديش جي دوري دوران به ساڻس تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، هن ٻڌايو ته ملاقات دوران فلسطين جي جائز مقصد سان پنهنجي ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني امداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ، مستقل جنگبندي ۽ ٻه رياستي حل جي ذريعي پائيدار امن وقت جي اهم ضرورت آهي. پاڪستان بنگلاديش لاڳاپن ۾ ايندڙ نئين اڳڀرائي جي توثيق ڪندي ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون جا ثمر حاصل ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪئي. ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته ٻئي ملڪ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهي حصيداري وارو عمل جاري رکندا ته جيئن گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائي سگهجي.