جده - 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير محمد حاجي حسن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته ملائيشين پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران فلسطين سان مڪمل يڪجهتي ۽ غزه جي صورتحال تي گهري …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير محمد حاجي حسن سان ملاقات

مزید خبریں
جده – 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير محمد حاجي حسن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته ملائيشين پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران فلسطين سان مڪمل يڪجهتي ۽ غزه جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ مستقل جنگبندي لازمي آهي ته جيئن پائيدار امن جي راهه هموار ڪري سگهجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جولاءِ ۾ ڪوالالمپور ۾ منعقد اي آر ايف وزارتي اجلاس جي ڪامياب ميزباني ۽ ملائيشين قيادت سان پنهنجي ملاقاتن کي خوشگوار انداز ۾ ياد ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن، واپار ۽ معاشي لاڳاپن جي فروغ ۽ عوامي رابطن کي وڌائي ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











