اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي جي مڪينيڪل شعبي کي اپ لفٽ ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، رولنگ اسٽاڪ ريلوي جي جان آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هو ريلوي هيڊ ڪوارٽرز لاهور ۾ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، جنهن ۾ سي اِي او ريلوي سميت مڪينيڪل شعبي …
ريلوي جي مڪينيڪل شعبي کي اپ لفٽ ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا: محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي جي مڪينيڪل شعبي کي اپ لفٽ ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، رولنگ اسٽاڪ ريلوي جي جان آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هو ريلوي هيڊ ڪوارٽرز لاهور ۾ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، جنهن ۾ سي اِي او ريلوي سميت مڪينيڪل شعبي جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ريلوي واري وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڪوبه معاملو انڊر ڪارپٽ نه ڪيو وڃي پر محنت ۽ همت سان مسئلن جو حل ڳوليو وڃي. هن چيو ته ٿرڊ پارٽي ايويليو ايشن کانسواءِ ڪنهن پُرزي جي خريداري نه ٿيندي ته جيئن معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. محمد حنيف عباسي چيو ته ريلن ۾ عالمي معيار جا موبائل چارجنگ پورٽس لڳايا ويندا، جڏهن ته پنڪن ۽ لائيٽس جي معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو وڃي. هن واضح ڪيو ته سڀني انجڻين ۾ ايونٽ رڪارڊر جي موجودگي لازمي بڻائي وڃي ته جيئن ڪارڪردگي ۽ نگراني بهتر ٿي سگهي. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته فائيل جلدي اُڪلايا وڃن. ريلوي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪوبه فائيل 7 ڏينهن کان وڌيڪ ۽ وزارت ۾ 3 ڏينهن کان وڌيڪ التوا هيٺ نه رهي. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته اداري جي ترقي ڏينهن رات محنت سان ئي ممڪن آهي، ان مقصد لاءِ سمورن وسيلن کي بهتر حڪمت عمليءَ سان استعمال ڪرڻو پوندو.











