اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ خيبر پختُونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هنگو ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر پهچڻ کانپوءِ گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور هنگو پهتا، جتي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل …
وفاقي وزير محسن نقوي ۽ خيبر پختُونخوا جي وڏي وزير جي هنگو آمد، دهشتگرد حملي ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ خيبر پختُونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هنگو ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر پهچڻ کانپوءِ گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور هنگو پهتا، جتي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل نائيڪ صادق حسين، سپاهي عبدالغفار ۽ سپاهي زيور خان جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. گهرو وزير شهيدن جي قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو، جڏهن ته ڪي پي جي وزيراعليٰ، آءِ جي ذوالفقار حميد، ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري نذير گاڙا ۽ چيف سيڪريٽري به جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيدن جي مڙهن تي گل رکيا ويا ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. گهرو وزير محسن نقوي شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي کين دلاسو ڏنو. هن چيو ته شهيدن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعاڳو آهيون. ان موقعي تي گهرو وزير ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير شهيدن جي مڙهن کي ڪلهو ڏنو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته شهادت ماڻيندڙ جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. شهيدن جا ڪٽنب اسان جا پنهنجا ڪٽنب آهن ۽ پوري قوم هميشه سندن قرضي رهندي. بعد ۾ گهرو وزير فيڊرل ڪانسٽيبلري اسپتال ۾ علاج هيٺ زخمي نائب صوبيدار ڪاشف جي عيادت ڪئي. هن زخمي جوان جي بلند حوصلي ۽ جذبي کي ساراهيندي چيو ته اوهان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي حملي کي بهادريءَ سان ناڪام بڻايو ۽ مثال قائم ڪيو. اسان سڀ اوهان سان گڏ آهيون ۽ هميشه رهنداسين.











