اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته نوجوانن جون تخليقي صلاحيتون، همت ۽ ذهانت کي پاڪستان جي روشن مستقبل جي تعمير ۾ لڳائي رهيا آهيون، پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ علائقائي واپار جي حوالي سان بي مثال امڪان رکندڙ آهي. ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا کي ملائڻ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. …
نوجوانن جي تخليقي صلاحيتن، همت ۽ ذهانت کي پاڪستان جي روشن مستقبل جي تعمير ۾ لڳائي رهيا آهيون: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته نوجوانن جون تخليقي صلاحيتون، همت ۽ ذهانت کي پاڪستان جي روشن مستقبل جي تعمير ۾ لڳائي رهيا آهيون، پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ علائقائي واپار جي حوالي سان بي مثال امڪان رکندڙ آهي. ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا کي ملائڻ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن اها ڳالهه پاڪستان ون پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي وزير چيو ته پراجيڪٽ پاڪستان ون جو مقصد نوجوانن جي صلاحيتن کي عملي جدت ۽ ترقيءَ ۾ شامل ڪرڻ آهي. هن چيو ته بزنس پلان جي قومي مقابلي سان نوجوانن ۾ خود روزگاري کي هٿي ملندي، هر صوبي، هر علائقي، شهر توڙي ٻهراڙي جي طبقن کي پاڪستان ون ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت اهڙو پاڪستان بڻائڻ چاهي ٿي جيڪا ترقي، جدت ۽ عالمي اعتماد جي سُڃاڻپ بڻجي. نوجوانن جي تخليقي صلاحيت، همت ۽ ذهانت کي پاڪستان جي روشن مستقبل جي تعمير ۾ لڳائي رهيا آهيون. اسان کي نوڪري ڳولڻ واري معيشت مان نڪري نوڪري پيدا ڪندڙ معيشت بڻجڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته جن ملڪن ترقي ۽ خوشحالي جي منزل ماڻي آهي، انهن صنعتڪاري ۽ جدت، ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو روانگي واپار 27 کان 32 ارب ڊالرن جي وچ ۾ محدود آهي، جنهن ۾ صرف ٽيڪسٽائل جو حصو 17.9 ارب ڊالر آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ سافٽ ويئر خدمتون 15 کان 20 سيڪڙو ساليانو وڌي رهيون آهن. آءِ ٽي جو روانگي واپار 2030ع تائين 20 ارب ڊالرن کان وڌي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح ايگري ٽيڪ ۽ فوڊ پروسيسنگ ويليو ايڊڊ شيون روانگي واپار جو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون. تجديد جوڳي توانائي جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته قابل تجديد توانائي پاڪستان کي ماحول دوست، عالمي مارڪيٽن ۾ جاءِ ڏياري سگهي ٿي. پائيدار مينيوفيڪچرنگ خطي ۾ پاڪستان لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ علائقائي واپار جا بي مثال امڪان فراهم ڪري رهي آهي. ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا کي ملائڻ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اِي پاڪستان ذريعي فن ٽيڪ، ايگري ٽيڪ ۽ گرين ٽيڪ ۾ نئون نظام جوڙي رهيا آهيون. ڊجيٽل هنر ۽ جدت ڪاري ۾ سيڙپڪاريءَ سان اسان جي نوجوان آبادي معيشت ۾ ترقي جو انجڻ بڻجندي.











