وفاقي وزير انجينئر امير مقام جي شانگله ۾ ٻوڏ متاثر ٻار جي عيادت، ٻار کي اسپتال منتقل ڪري مڪمل طبي معائنو ڪرائڻ جي هدايت

شانگله-25 آگسٽ(اي پي پي) وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) خيبر پختونخوا جي صدر انجينئر امير مقام شانگله ۾ هڪ ٻوڏ متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. دوري جي دوران وفاقي وزير انجينئر امير مقام زخمي بيمار ٻار جي عيادت ڪئي جيڪو ڄاڻايل متاثر خاندان سان واسطو رکندڙ آهي، انساني همدردي جو مظاهرو ڪندي وفاقي وزير، فوري طور تي پنهنجي عملي کي هدايت ڪئي …

شانگله-25 آگسٽ(اي پي پي) وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) خيبر پختونخوا جي صدر انجينئر امير مقام شانگله ۾ هڪ ٻوڏ متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. دوري جي دوران وفاقي وزير انجينئر امير مقام زخمي بيمار ٻار جي عيادت ڪئي جيڪو ڄاڻايل متاثر خاندان سان واسطو رکندڙ آهي، انساني همدردي جو مظاهرو ڪندي وفاقي وزير، فوري طور تي پنهنجي عملي کي هدايت ڪئي ته ٻار کي اسپتال منتقل ڪري سندس مڪمل طبي معائنو ڪرايو وڃي. وفاقي وزير، ذاتي حيثيت ۾ ٻار کي مالي امداد به فراهم ڪئي. وفاقي وزير هاڻوڪي ٻوڏ ۾ فوتين جي ايثال لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ان انساني الميي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو جنهن ڪيترن خاندانن کي متاثر ۽ بي گهر ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير انجينئر امير مقام ان موقعي تي چيو ته اها صرف حڪومت جي ذميواري نه آهي پر اسان جي انساني ۽ اخلاقي فرض آهي، هر حياتي قيمتي آهي ۽ اسان کي ڏک مصيبت جي گهڙي ۾ پنهنجي ماڻهن  گڏ بيهڻ گهرجي.