اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت ڊيجيٽل والٽس قائم ڪرڻ کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي پوري معيشت کي ڪيش ليس بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪيش ليس معيشت سان ڪرپشن ۽ استحصال جو خاتمو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي آءِ ايس پي تحت مستحقين جي لاءِ …
بي آءِ ايس پي تحت ڊيجيٽل والٽس قائم ڪرڻ اهم اڳڀرائي آهي، معيشت کي ڪيش ليس بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت ڊيجيٽل والٽس قائم ڪرڻ کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي پوري معيشت کي ڪيش ليس بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪيش ليس معيشت سان ڪرپشن ۽ استحصال جو خاتمو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي آءِ ايس پي تحت مستحقين جي لاءِ هڪ ڪروڙ ڊيجيٽل والٽس قائم ڪرڻ ۽ مفت موبائيل سمز فراهم ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير، اسيمبلي ميمبر، عالمي حصيدار ۽ لاڳاپيل عملدارن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بي آءِ ايس پي ۾ جدت شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن جي عڪاس آهي، بي آءِ ايس پي ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بي آءِ ايس پي کي ڪامياب پروگرام بڻائڻ ۾ سينيٽر روبينه خالد ۽ بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڊيجيٽل والٽس قائم ڪرڻ ۽ مفت موبائيل سمز جي فراهمي جي لاءِ لاڳاپيل بئنڪ، نادرا، آءِ ٽي عملدارن ۽ عالمي حصيدارن جيڪي ڪوششون ڪيون اهي ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته ان پروگرام جي جاري ٿيڻ سان شفاف طريقيڪار جي ذريعي گهٽ کان گهٽ وقت ۽ قطارن ۾ لڳڻ کانسواءِ مستحقين کي گهر ويٺي رقم جي ادائيگي ممڪن ٿي سگهندي، بي آءِ ايس پي صحيح معنيٰ ۾ غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته گذريل رمضان المبارڪ ۾ پهريون ڀيرو بي آءِ ايس پي جي مستحقين ۾ رقم جي ڊيجيٽل منتقلي ڪئي وئي، ڪيش ليس معيشت جي حوالي سان هر مهيني ٻه ڀيرا پاڻ اجلاس جي صدارت ڪري قدمن جو جائزو وٺندو رهيو آهيان، ڪيش ليس معيشت اڄ جي دور جي اهم ضرورت آهي ۽ اها ڪرپشن ۽ استحصال جي خاتمي ۾ مددگار آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بي آءِ ايس پي جي مستحقين جي لاءِ تعليم ۽ صحت بابت قدمن کي 4 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ٻارن جي لازمي تعليم ۽ حفاظتي ٽيڪا بي آءِ ايس پي جي مستحقين جي لاءِ لازمي شرط قرار ڏنو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم ان پروگرام جو ڪمپيوٽرائيزڊ افتتاح ڪيو. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو ته هي پروگرام ڪيش ليس معيشت طرف اهم قدم ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جو عڪاس آهي، ان پروگرام جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائي قومي ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل ڪرڻ آهي، ڊيجيٽل والٽس قائم ڪرڻ سان هي پروگرام هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عامر احمد علي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعطم پروگرام ۾ شفافيت آڻڻ ۽ شڪايتن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ادائيگين جو نظام شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، ان نظام جي جاري ٿيڻ سان سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ مستحق عورتن جا ڊيجيٽل والٽس انهن جي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر تي قائم ڪيا پيا وڃن، ٻئي مرحلي ۾ هڪ ڪروڙ موبائيل فون سمز جاري ٿينديون، حيدرآباد، سکر ۽ رحيم يار خان مان سمز جي ورڇ شروع ڪئي وئي وڃي، مستحقين کي ڊيجيٽل والٽس قائم ٿيڻ سان ڊگهين قطارن، ڪٽوتين، استحصال ۽ ڪرپشن جي شڪايتن مان ڇوٽڪارو ملندو ۽ انهن کي امداد جي رقم انهن جي اڪائونٽس ۾ سڌوسنئون فراهم ڪئي ويندي.











