ملڪي روانگي واپار ۾ صنعت مرڪزي حيثيت رکي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي روانگي واپار ۾ صنعت مرڪزي حيثيت رکي ٿو، حڪومت صنعتي پيداوار ۾ اضافي ۽ صنعتن کي درپيش مسئلن جي پائيدار حل جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي صنعتي پاليسي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري …

اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي روانگي واپار ۾ صنعت مرڪزي حيثيت رکي ٿو، حڪومت صنعتي پيداوار ۾ اضافي ۽ صنعتن کي درپيش مسئلن جي پائيدار حل جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي صنعتي پاليسي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته صنعتن جي ترقي جي ذريعي روانگي واپار تي ٻڌل معيشت، ملڪي صنعتن کي عالمي معيار موجب افرادي قوت ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. هن قومي صنعتي پاليسي جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت جي هدايت ڪئي. اجلاس کي قومي صنعتي پاليسي جي حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ملڪ جي اهم چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.