نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ملاقات

اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ فلسطين جي حوالي سان منعقد او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي هنگامي اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ سنگين انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن …

اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ فلسطين جي حوالي سان منعقد او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي هنگامي اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ سنگين انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين ۾ جاري نسل ڪشيءَ، ڏڪار ۽ مستقل جنگبندي جي فوري ضرورت، انساني امداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ، نئين سر تعمير ۽ پائيدار امن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ڀائراڻي لاڳاپن جي مختلف رخن جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.