اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قوم کي اپيل ڪندي چيو آهي، ته ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، سرندي وارا، فلاحي ادارا ۽ سول سوسائٽي متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان وڌن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سرندي وارا ۽ سول سوسائٽي حڪومت جي امدادي ڪوششن ۾ تعاون ڪن، ٻوڏ متاثرن جي بحالي …
ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ سرندي وارا، فلاحي ادارا ۽ سول سوسائٽي اڳيان وڌن: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قوم کي اپيل ڪندي چيو آهي، ته ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، سرندي وارا، فلاحي ادارا ۽ سول سوسائٽي متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان وڌن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سرندي وارا ۽ سول سوسائٽي حڪومت جي امدادي ڪوششن ۾ تعاون ڪن، ٻوڏ متاثرن جي بحالي اسان جي اجتماعي ذميواري آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ ملڪ جي ٻين علائقن جي متاثرن کي فوري رليف جي ضرورت آهي. سرندي وارا متاثرن جي بحالي ۽ گهرن جي نئين سر تعمير لاءِ وڏي دل سان مدد ڪن. سردار اياز صادق نوجوانن کي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ اڳيان وڌي حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته نوجوان رضاڪار بڻجي متاثرن جي بحالي، خوراڪ ۽ امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺن. هن چيو ته ٻوڌ متاثرن جي بحالي لاءِ قومي جذبي، ايثار ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي، هي وقت يڪجهتي ۽ همدردي جو آهي، متاثرن کي احساس ڏيارڻ ته هو اڪيلا ناهن، هن جو چوڻ هو ته مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو سهارو بڻجڻ اسان جو قومي فرض آهي.











