ڍاڪا -25 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جو بنگلاديش جي چئن ڏينهن وارو سرڪاري دورو پڄاڻي تي پهتو. پريس پڌرائي موجب پنهنجي دوري دوران هن صنعتن واري صلاحڪار، خوراڪ واري صلاحڪار ۽ واپار واري صلاحڪار سان ملاقاتون ڪيون. ان کان علاوه هن مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو دورو به ڪيو ۽ وسيع شعبن سان لاڳاپا رکندڙ ڪاروباري اڳواڻن سان به ڳالهيون ڪيون. …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان بنگلاديش جو چئن ڏينهن وارو سرڪاري دورو مڪمل ڪري ورتو

مزید خبریں
ڍاڪا -25 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جو بنگلاديش جي چئن ڏينهن وارو سرڪاري دورو پڄاڻي تي پهتو. پريس پڌرائي موجب پنهنجي دوري دوران هن صنعتن واري صلاحڪار، خوراڪ واري صلاحڪار ۽ واپار واري صلاحڪار سان ملاقاتون ڪيون. ان کان علاوه هن مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو دورو به ڪيو ۽ وسيع شعبن سان لاڳاپا رکندڙ ڪاروباري اڳواڻن سان به ڳالهيون ڪيون. واپار واري وزير شپ بريڪنگ فيسلٽي ۽ هڪ دوائون ٺاهيندڙ اداري جو به دورو ڪيو ۽ انهن شعبن ۾ تعاون جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. هن بنگلاديش جي معاشي ۽ واپاري اختيارين سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ بنگلاديش انويسٽمينٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين، نيشنل بورڊ آف روينيو، بنگلاديش بئنڪ، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف بنگلاديش، شهري هوابازي واري وزارت ۽ ٽريڊ اينڊ ٽيرف ڪميشن جون اختياريون شامل هيون. دوري دوران پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ واپاري معاملن تي گڏيل ورڪنگ گروپ جي قيام لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون. هي ورڪنگ گروپ ٻنهي ملڪن جي واپاري اختيارين کي جوڙيندو ته جيئن گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائي سگهجي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان کي گذريل رات ڍاڪا کان وطن روانو ٿيڻ وقت بنگلاديش جي واپار واري صلاحڪار شيخ بشير الدين الوداع ڪيو.











