اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ريلوي هيڊ ڪوارٽرز لاهور جو دورو ڪيو ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي صدارت ۾ ٿيل خاص اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ خاص ڪري بلوچستان ۾ ريلوي ٽريڪس ۽ ريل گاڏين جي سيڪيورٽي جي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ريلوي ايراضي تي حددخلين جي …
گهرو معاملن بابت وفاقي وزير جو ريلوي هيڊ ڪوارٽرز لاهور جو دورو، ريلوي واري وزير جي صدارت ۾ ٿيل خاص اجلاس ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ريلوي هيڊ ڪوارٽرز لاهور جو دورو ڪيو ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي صدارت ۾ ٿيل خاص اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ خاص ڪري بلوچستان ۾ ريلوي ٽريڪس ۽ ريل گاڏين جي سيڪيورٽي جي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ريلوي ايراضي تي حددخلين جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو جنهن ۾ نيشنل ڪانسٽيبلري ۽ ريلويز پوليس گڏيل طور تي حصو وٺندا جڏهن ته ايف سي پڻ حددخلين جي خاتمي واري آپريشن ۾ ريلوي پوليس سان مڪمل سهڪار ڪندي. ان موقعي تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي وچ ۾ نئين ريل گاڏي هلائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته ريلوي ٽريڪس ۽ ريل گاڏين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ ريلوي پوليس کي ڀرپور مدد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته مسافرن جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. محسن نقوي ريلوي واري وزير حنيف عباسي جي دور ۾ ريلويز جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن جي تعريف ڪئي. وفاقي وزير حنيف عباسي ريلوي ايراضي تي حددخلين جي خاتمي ۾ فيڊرل ريزرو پوليس جي مدد فراهم ڪرڻ تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته ريلويز کي جديد طرز تي آڻڻ لاءِ گهرو وزارت جي حمايت اهم ڪردار ادا ڪندي. اجلاس ۾ پاڪستان ريلويز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عامر علي بلوچ، آءِ جي ريلويز پوليس راءِ ظاهر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.











