نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان مُلاقات

ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان مُلاقات ڪئي، مُلاقات ۾ ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته خطي جي صورتحال تي پُڻ غور ويچار ڪيو ويو. مُلاقات ۾ ان کانسواءِ …

ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان مُلاقات ڪئي، مُلاقات ۾ ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته خطي جي صورتحال تي پُڻ غور ويچار ڪيو ويو. مُلاقات ۾ ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن رابطن جي بحالي، نوجوانن جي رابطن کي فروغ ڏيڻ، واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي پُڻ غور ڪيو ويو. جڏهن ته خطي ۾ تازين تبديلين ۽ علائقائي تعاون جي امڪانن تي پڻ بحث ڪيو ويو. اسحاق ڊار پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران چيف ايڊوائيزر جي لاءِ نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو. هن چيف ايڊوائيزر کي ڍاڪا ۾ پنهنجي مصروفيتن ۽ پنهنجي دوري جي اهم نتيجن کان آگاهه ڪيو. هن چيف ايڊوائيزر جو شاندار دوري جي انتظامن ۽ دوري دوران کيس ۽ سندس وفد جي گرمجوشي سان ڪيل مهمان نوازي تي به ٿورا مڃيا.