ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جماعت اسلامي بنگلاديش جي امير ڊاڪٽر شفيق الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات امير جماعت اسلامي ڊاڪٽر شفيق الرحمان جي رهائشگاهه تي ٿي، جتي هو دل جي آپريشن کان پوءِ صحتياب ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پنهنجي طرفان ڊاڪٽر شفيق الرحمان جي صحت ۽ سلامتي لاءِ نيڪ خواهشن جو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي جماعت اسلامي بنگلاديش جي امير ڊاڪٽر شفيق الرحمان سان ملاقات

مزید خبریں
ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جماعت اسلامي بنگلاديش جي امير ڊاڪٽر شفيق الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات امير جماعت اسلامي ڊاڪٽر شفيق الرحمان جي رهائشگاهه تي ٿي، جتي هو دل جي آپريشن کان پوءِ صحتياب ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پنهنجي طرفان ڊاڪٽر شفيق الرحمان جي صحت ۽ سلامتي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سينيٽر اسحاق ڊار سياست، تعليم ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ ڊاڪٽر شفيق الرحمان جي مثبت خدمتن جي تعريف ڪئي. ملاقات ۾ نائب امير جماعت اسلامي ڊاڪٽر سيد عبدالله محمد طاهر ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.











