نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ بنگلاديش جي واپار واري صلاحڪار ايس ڪي بشير الدين پاران واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺائڻ بابت معاملن تي ڳالهيون

ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ بنگلاديش جي واپار بابت صلاحڪار ايس ڪي بشير الدين واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي وٺائڻ خاص ڪري واپار ۽ رابطن وڌائڻ بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان بنگلاديش جي واپار واري صلاحڪار ايس ڪي بشير الدين ناشتي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي واپار …

ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ بنگلاديش جي واپار بابت صلاحڪار ايس ڪي بشير الدين واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي وٺائڻ خاص ڪري واپار ۽ رابطن وڌائڻ بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان بنگلاديش جي واپار واري صلاحڪار ايس ڪي بشير الدين ناشتي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به موجود هو. ان اهم واپاري ملاقات ۾ بنگلاديش انويسٽمينٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين چوڌري عاشق محمود بن هارون، بنگلاديش بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر احسن ايڇ منصور، پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين سميت ٻيا پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.