پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون شروع

ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وفدن جي سطح تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ڍاڪا ۾ اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪري رهيو آهي، بنگلاديش جي وفد جي اڳواڻي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار محمد توحيد حسين ڪري رهيو آهي. ڳالهين ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، اقتصادي ۽ واپاري سهڪار ۽ علائقائي مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون …

ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وفدن جي سطح تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ڍاڪا ۾ اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪري رهيو آهي، بنگلاديش جي وفد جي اڳواڻي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار محمد توحيد حسين ڪري رهيو آهي. ڳالهين ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، اقتصادي ۽ واپاري سهڪار ۽ علائقائي مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون، ان کان علاوه سارڪ جي بحالي ۽ خطي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي به غور ڪيو ويو ويندو. ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل شعبن جون اعليٰ اختياريون به شريڪ آهن.