پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 6 معاهدن تي صحيحيون ڪيون ويون

ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش 6 مختلف معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن، گذريل ڏينهن ڍاڪا ۾ وفدن جي سطح تي ٿيل ڳالهين بعد نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار جي نگراني ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 06 مختلف معاهدن تي صحيحيون ڪيون ويون. ان فهرست ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ …

ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش 6 مختلف معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن، گذريل ڏينهن ڍاڪا ۾ وفدن جي سطح تي ٿيل ڳالهين بعد نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار جي نگراني ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 06 مختلف معاهدن تي صحيحيون ڪيون ويون. ان فهرست ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن لاءِ ويزا جي خاتمي جو معاهدو، واپار لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ تي ايم او يو، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي فارين سروس اڪيڊمين وچ ۾ ايم او يو، ايسو سي ايٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ بنگلاديش سنگباد سنگسٿا (بي ايس ايس) وچ ۾ ايم او يو، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ بنگلاديش جي اسٽيٽ ايڪسچينج انسٽيٽيوٽ وچ ۾ مفاهمت ناما شامل آهن. اهي معاهدا واپار ۽ اقتصاديات، سفارتڪارن جي تربيت، علمي مٽا سٽا، ميڊيا سهڪار ۽ ثقافتي مٽا سٽا ۾ ٻه طرفي سهڪار کي ادارن جي سطح تي وڌيڪ مضبوط ڪندا.