ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق جي بنگلاديش جي دوري جي موقعي تي پاڪستان-بنگلاديش ناليج ڪوريڊور شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان منصوبي ۾ بنگلاديش جي شاگردن کي ايندڙ پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 500 وظيفا ڏنا ويندا. انهن وظيفن جو چوٿون حصو طب جي شعبي ۾ ڏنو ويندو. ان کان علاوه انهي عرصي …
پاڪستان پاران پاڪستان-بنگلاديش ناليج ڪوريڊور شروع ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق جي بنگلاديش جي دوري جي موقعي تي پاڪستان-بنگلاديش ناليج ڪوريڊور شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان منصوبي ۾ بنگلاديش جي شاگردن کي ايندڙ پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 500 وظيفا ڏنا ويندا. انهن وظيفن جو چوٿون حصو طب جي شعبي ۾ ڏنو ويندو. ان کان علاوه انهي عرصي دوران 100 بنگلاديشي سرڪاري ملازمن لاءِ تربيت جو به اهتمام ڪيو ويو آهي. پاڪستان پاران پاڪستان ٽيڪنيڪل اسسٽنس پروگرام تحت بنگلاديش جي شاگردن لاءِ رکيل اسڪالرشپس کي 5 مان وڌائي 25 ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.











