ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جون فارماسيوٽيڪل صنعتون علم جي مٽاسٽا ۽ گڏيل سهڪار ذريعي وڌيڪ ترقي ڪري سگهن ٿيون، ٻئي ملڪ گڏيل منصوبن ۽ پاليسي سهڪار سان نه رڳو ٻه طرفي واپار کي هٿي وٺائي سگهن ٿا، پر علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ صحت جي ضرورتن کي به بهتر طور پورو ڪري سگهن ٿا. واپار واري وزارت …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جو ڍاڪا ۾ اسڪوائر فار ماسيوٽيڪلز جو دورو

مزید خبریں
ڍاڪا-24 آگسٽ (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جون فارماسيوٽيڪل صنعتون علم جي مٽاسٽا ۽ گڏيل سهڪار ذريعي وڌيڪ ترقي ڪري سگهن ٿيون، ٻئي ملڪ گڏيل منصوبن ۽ پاليسي سهڪار سان نه رڳو ٻه طرفي واپار کي هٿي وٺائي سگهن ٿا، پر علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ صحت جي ضرورتن کي به بهتر طور پورو ڪري سگهن ٿا. واپار واري وزارت پاران گذريل ڏينهن جاري پڌرائي موجب انهن خيالن جو اظهار وفاقي وزير ڍاڪا ۾ اسڪوائر فارماسيوٽيڪلز پي ايل سي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وفاقي وزير ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سينئر انتظاميه سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي بنگلاديش جي دواسازي واري صنعت جي سفر ۽ ان ترقي کي ممڪن بڻائڻ وارين پاليسين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڄام ڪمال خان اداري جي سهولتون ڏٺيون ۽ پيداواري عمل جو به جائزو ورتو. وفاقي وزير سان گڏ پاڪستان جي واپار واري وزارت جا عملدار به هئا. دوري جي موقعي تي بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هموار بنائڻ لاءِ مختلف تجويزن جو به جائزو ورتو ويو. ڄام ڪمال خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جون فارماسيوٽيڪل صنعتون علم جي مٽاسٽا ۽ گڏيل سهڪار ذريعي وڌيڪ ترقي ڪري سگهن ٿا. هن زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل منصوبي ۽ پاليسي سهڪار سان نه رڳو ٻه طرفه واپار کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي پر علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ صحت جي ضرورتن کي به بهتر طور پورو ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته وفاقي وزير جو اسڪوائر فارما سيوٽيڪلز جو اهو دورو پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ صنعتي ۽ واپاري سهڪار کي نئون رخ ڏيڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.











