بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپور پاران رتوديرو ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ تحت تعمير ٿيل ۽ تعمير هيٺ گهرن جو دورو

لاڙڪاڻو-24 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رتوديرو تعلقي جي يونين ڪائونسل وارث ڏنو ماڇي ۾ ڳوٺ خير محمد بروهي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپور به ساڻس گڏ هئي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپور ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ تحت تعمير ٿيل ۽ تعمير هيٺ گهرن جو دورو ڪيو. هن ڳوٺ خير محمد بروهي جي …

لاڙڪاڻو-24 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رتوديرو تعلقي جي يونين ڪائونسل وارث ڏنو ماڇي ۾ ڳوٺ خير محمد بروهي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپور به ساڻس گڏ هئي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپور ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ تحت تعمير ٿيل ۽ تعمير هيٺ گهرن جو دورو ڪيو. هن ڳوٺ خير محمد بروهي جي مختلف گهرن ۾ وڃي اتان جي رهواسين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺ واسين بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجن مسئلن بابت آگاهه ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ڳوٺ خير محمد بروهي واسين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ فوري طور تي هدايتون جاري ڪيون.