ڪراچي-22 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري صوبائي موٽر وهيڪلز (ترميمي) بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته هن بل جي منظوري صوبي ۾ ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل درآمد ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ،ان قانون تحت موٽر وهيڪلز قانونن جي ڀڃڪڙي …
سنڌ جي گورنر صوبائي موٽر وهيڪلز (ترميمي) بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪراچي-22 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري صوبائي موٽر وهيڪلز (ترميمي) بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته هن بل جي منظوري صوبي ۾ ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل درآمد ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ،ان قانون تحت موٽر وهيڪلز قانونن جي ڀڃڪڙي تي سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي جڏهن ته هيوي وهيڪلز جا ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ تي وڌيڪ شرط لاڳو ڪيا ويا آهن. اهڙي ريت ايل ٽي وي ۽ ايڇ ٽي وي لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ پري لائيسنس ٽريننگ ڪورس لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته جئين ڊرائيورن کي عملي مهارت ۽ آگاهي فراهم ڪري سگهجي. بل ۾ ڊرائيورن لاءِ ڊي ميرٽ پوائنٽ سسٽم به متعارف ڪرايو ويو آهي. ان نظام تحت ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ڊرائيونگ لائيسنس تي پوائنٽون درج هونديون ۽ مقرر حد کان وڌيڪ پوائنٽون هجڻ تي لائيسنس معطل يا رد ڪيو ويندو. گورنر جو چوڻ آهي ته ان قدم سان عوامي تحفظ ۾ اضافو ٿيندو.











