اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت کي پاڪستاني معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري پاڪستان کي مضبوط بڻائيندي، قرضن مان ڇوٽڪارو ملندو، لائيو اسٽاڪ ۽ زراعت جي شعبي ۾ چين جي مهارت، تجربن ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنداسين، پاڪستان کي قائداعظم جي خوابن جي تعبير بڻائينداسين، ميرٽ، محنت، امانت ۽ ديانت کي پنهنجو شعار بڻايون …
زراعت پاڪستاني معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري پاڪستان کي مضبوط بڻائيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت کي پاڪستاني معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري پاڪستان کي مضبوط بڻائيندي، قرضن مان ڇوٽڪارو ملندو، لائيو اسٽاڪ ۽ زراعت جي شعبي ۾ چين جي مهارت، تجربن ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنداسين، پاڪستان کي قائداعظم جي خوابن جي تعبير بڻائينداسين، ميرٽ، محنت، امانت ۽ ديانت کي پنهنجو شعار بڻايون ته مستقبل شاندار آهي، ترقي جي ڪُنجي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن زرعي شعبي ۾ 300 وڌيڪ پاڪستاني شاگردن کي تربيت جي لاءِ چين موڪلڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چين جو سفير جيانگ زائيڊونگ، فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو خاص معاون، صلاحڪار ۽ زرعي شعبي جي گريجوئيٽس کانسواءِ لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته زرعي شعبي جي وڌيڪ 300 گريجوئيٽس کي چين ۾ اعليٰ معيار جي زرعي تربيت جي لاءِ موڪليو پيو وڃي، انهن شاگردن جي چونڊ ميرٽ تي شفاف طريقي سان ڪئي وئي آهي. هن پاڪستاني گريجوئيٽس کي چين ۾ عملي تربيت جي فراهمي جو موقعو فراهم ڪرڻ تي چين جي حڪومت ۽ پاڪستان ۾ چيني سفير جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هي سفر منهنجي چين جي دوري سان شروع ٿيو هو، جڏهن مون اتي زرعي يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ اعليٰ معيار جي تعليم ۽ عملي تربيت کان تمام گهڻو متاثر ٿيس، ٻين ملڪن جا ڪيترائي شاگرد به چين ۾ زرعي تربيت حاصل ڪري رهيا هئا، مون سوچيو ته پاڪستان مان به زرعي شعبي جي نوجوانن کي تربيت جي لاءِ چين موڪليو وڃي ته جيئن جديد ٽيڪنيڪ ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ به اچي ۽ اسان جو زرعي شعبو ترقي ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت اسان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ان ۾ سيڙپڪاري سان پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿيندي. وزيراعظم زرعي شعبي ۾ جديد طريقن ۽ مشينري جي استعمال مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 300 زرعي گريجوئيٽس چين ۾ تربيت مڪمل ڪري واپس اچي چڪا آهن، ٻئي مرحلي ۾ 300 وڌيڪ شاگردن کي موڪليو پيو وڃي. هن چين ويندڙ شاگردن کي نصيحت ڪئي ته اهي چين ۾ پنهنجي قيام دوران پاڪستان جي بهترين نمائندگي ڪن ۽ جديد مهارتن کي سکڻ تي ڌيان ڏين، ساٿي شاگردن ۽ استادن سان رابطو قائم ڪن. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو سڀ کان آزمايل دوست آهي ۽ مشڪل جي هر گهڙيءَ ۽ آزمائش ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته چين ويندڙ زرعي گريجوئيٽس کي رڳو ميرٽ تي شفاف طريقيڪار تحت چئني صوبن مان چونڊيو ويو آهي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير مان به زرعي گريجوئيٽس کي موڪليو پيو وڃي، بلوچستان جي ڪوٽا انهن جي آبادي جي تناسب سان 10 سيڪڙو وڌيڪ رکي وئي آهي ته جيئن بلوچستان ترقي جي ڊوڙ ۾ باقي صوبن سان گڏ ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي ليپ ٽاپس ڏنا ويندا، ان ۾ به بلوچستان جو حصو 10 سيڪڙو وڌيڪ رکيو ويو آهي، سڄي ملڪ جا هوشيار زرعي گريجوئيٽس چين ۾ تربيت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ اچي خدمتون سرانجام ڏيندا. هن چيو ته جيڪڏهن ميرٽ کي هر شعبي ۾ لاڳو ڪيو وڃي ته پاڪستان ڪجهه سالن ۾ ان مقام تي پهچي ويندو جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جو مقصد هو، اسان کي ميرٽ، سخت محنت، امانت ۽ ديانت کي پنهنجو شعار بڻائڻو پوندو. وزيراعظم ياد ڏياريو ته پاڪستان جي لاءِ لکين ماڻهن باهه ۽ رت جا درياءَ عبور ڪيا، پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا پر هي اهو پاڪستان نه آهي جنهن جي لاءِ ماڻهن قربانيون ڏنيون، اسان کي محنت، امانت ۽ ديانت کي اختيار ڪرڻو پوندو ته جيئن ترقي جي ڊوڙ ۾ ٻين ملڪن کي پٺتي ڇڏي سگهون. وزيراعظم زرعي گريجوئيٽس تي زور ڏنو ته چين مان ڪاٽن جي هائبرڊ ٻج جي ٽيڪنالاجي حاصل ڪريون ته جيئن ڪاتن جي پيداوار جيڪا ڪڏهن 14 ملين هئي ۽ اڄ 4 ملين تي اچي وئي آهي، ان ۾ اسان بهتري آڻي سگهون. وزيراعظم چيو ته لائيو اسٽاڪ ۽ زرعي شعبي ۾ سڌارن جي ذريعي ترقي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته هو شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين ويندو جتي سندس ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون ۽ ان کانسواءِ به ڪيترن ئي ايونٽس ۾ شريڪ ٿيندو. هن چيو ته منهنجو مقصد سيڙپڪاري، جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي کڻي اچڻ آهي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي مستقبل جا معمار بڻجن ته جيئن ملڪ کي قرضن مان ڇوٽڪارو ملي ۽ اسان پنهنجا وسيلا استعمال ۾ آڻي دولت پيدا ڪري سگهون. وزيراعظم چيو ته ترقي جي ڪُنجي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي، اسان جو مستقبل روشن آهي، زرعي شعبي جي لاءِ جيڪي به وسيلا گهربل هوندا، فراهم ڪنداسين. ان کان اڳ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ زرعي شعبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن حڪومت جي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معيشت جي بحالي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اقتصادي انگ اکر مثبت رخ ۾ گامزن آهن، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب مان وڌي 20 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، پاڪستان جي ترقي طرف گامزن ٿيڻ جا سڀ معترف آهن، ترقي جي ان سفر ۾ چين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. هن چانور ۽ گوشت سميت زرعي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته هنرمند افرادي قوت جي ترقي سان پاڪستان ترقي ڪندو. هن پاڪستان سان چين جي حصيداري کي مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چيني سفير جيانگ زائيڊونگ تقريب دوران وزيراعظم کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ چيڪ پڻ ڏنو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:27










