اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا زرعي پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جڏهن ته خصوصي اقتصادي زونز قانون 2012ع ۾ ترميم جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا سڄي …
وفاقي ڪابينا پاران زرعي پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ، خصوصي اقتصادي زونز قانون 2012ع ۾ ترميم جي اصولي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا زرعي پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جڏهن ته خصوصي اقتصادي زونز قانون 2012ع ۾ ترميم جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ بوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر علائقن جود ورو ڪرڻ ۽ ريسڪيو ۽ ريليف قدمن جي نگراني ڪندڙ ڪابينا ميمبرن جا خصوصي ٿورا مڃيا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي ڀاڻ جي قيمتن ۾ توازن جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته آبادگارن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ انهن جي پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ان حوالي سان ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ، قومي غذائي تحفظ واري وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي ۽ صنعت واري خاص معاون هارون اختر تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي تحليل جي سمري منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وئي جنهن جي ڪابينا متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. بيان موجب 31 جولاءِ کان سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جو آپريشن ختم ڪيو ويو آهي، تحليل دوران وزيراعظم جي هدايت تي ملازمن جي حقن جو مڪمل خيال رکيو ويندو. وزيراعظم ان عمل کي شفاف طريقي سان حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ملازمن جي حقن جي حوالي سان سمورن قانوني ۽ ٻين ضابطن کي نظر ۾ رکڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي ڪابينا ملڪي صنعتي ترقي ۽ نيون صنعتون قائم ڪرڻ جي حوصلا افزائي جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز قانون 2012ع ۾ ترميم جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، نئين ترميمن تحت خصوصي اقتصادي زونز کي وڌيڪ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪيو ويندو جنهن سان صنعتن جي تعمير جي رفتار ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ملڪي صنعتي ترقي جي لاءِ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، صنعتن جي تعمير سان ملڪي روانگي واپار ۽ روزگار ۾ اضافو ٿيندو. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي مالي سال 24 – 2023ع جي سالياني رپورٽ کي پارليامينٽ آڏو پيش ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 19 آگسٽ 2025ع تي ٿيندڙ اجلاس ۽ قانونسازي ڪيسز (سي سي ايل سي) بابت ڪابينا ڪميٽي جي 18 آگسٽ 2025ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.











