وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر نثار چيما ۽ ذوالفقار چيما جي ملاقات

اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر نثار چيما ۽ ذوالفقار چيما ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر نثار چيما ۽ ذوالفقار چيما ملاقات ڪئي ۽ گوجرانوالا جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي اين – 66 جي ضمني چونڊن جي حوالي سان چيما ڀائرن پارٽي جي …

اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر نثار چيما ۽ ذوالفقار چيما ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر نثار چيما ۽ ذوالفقار چيما ملاقات ڪئي ۽ گوجرانوالا جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي اين – 66 جي ضمني چونڊن جي حوالي سان چيما ڀائرن پارٽي جي فيصلي جي حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پارٽي جي نامزد اميدوار جو ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي خير جي دعا پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، چوڌري عابد رضا، انجنيئر خرم دستگير ۽ مدثر قيوم ناهرا پڻ موجود هئا.