اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آف نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (ايڪنڪ) جي اجلاس ۾ 212 ارب رپين جي لاڳت جي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ پراجيڪٽ منصوبي جي منظوري ڏني وئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ۾ 212 ارب رپين …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اجلاس، 212 ارب رپين جي لاڳت جي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ پراجيڪٽ منصوبي جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آف نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (ايڪنڪ) جي اجلاس ۾ 212 ارب رپين جي لاڳت جي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ پراجيڪٽ منصوبي جي منظوري ڏني وئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ۾ 212 ارب رپين جي لاڳت سان جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ پراجيڪٽ تي غور ڪيو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. ان پراجيڪٽ تحت جديدن ترين سهولتن سان ليس هڪ تربيتي ڪيئر اسپتال قائم ڪئي ويندي. پراجيڪٽ جي منظوري ڏيندي ايڪنڪ هدايت ڪئي ته ان تي عملدرآمد ۽ وقت سر تڪميل جي لاءِ فنانسنگ کي وقت سر يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وزير، ناڻي واري وزير، ايڊيشنل سيڪريٽرين، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، صوبائي وزيرن ۽ ڪيبنيٽ، منصوبابندي، ناڻي، صحت ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.











