سلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ ضرورتن جي شين جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ اسٽاڪ جي دستيابي جي صورتحال ۽ تازي قيمتن جي رجحانن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير قيمتن ۾ استحڪام، ضرورت جي شين …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ضرورتن جي شين جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس

مزید خبریں
سلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ ضرورتن جي شين جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ اسٽاڪ جي دستيابي جي صورتحال ۽ تازي قيمتن جي رجحانن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير قيمتن ۾ استحڪام، ضرورت جي شين جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ صارفينجي مفادن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، قومي غذائي تحفظ، واپار، صنعت ۽ پيداوار وارن سيڪريٽرين، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











