اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار توانائي جي شعبي تي هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته عوام کي توانائي قابل سگهه قيمت تي فراهم ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزارت جي عملدارن پاڪستان ۾ مجموعي توانائي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ شعبي …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ توانائي جي شعبي بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار توانائي جي شعبي تي هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته عوام کي توانائي قابل سگهه قيمت تي فراهم ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزارت جي عملدارن پاڪستان ۾ مجموعي توانائي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ شعبي جي بهتري جي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير توانائي جي وسيلن جي ڳولا ۽ پيداوار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عوام کي توانائي قابل سگهه قيمت تي فراهم ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان توانائي ۽ معدني وسيلن سان مالامال ملڪ آهي ۽ ملڪي اقتصادي ترقي ۾ ان شعبي جي وڌ کان وڌ پيداواري ڪردار ادا ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزير، وزيراعظم جي نجڪاري بابت خاص معاون، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پيٽروليم واري سيڪريٽري، دوحه ۾ پاڪستان جي سفير ۽ پرڏيهي وزارت ۽ پيٽروليم ڊويزن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.











