پاڪستان ۽ چين پاران گڏيل اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هم آهنگي وڌائڻ جي عزم جو اظهار

راولپنڊي- 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين گڏيل اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هم آهنگي وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب چيني پرڏيهي وزير وانگ زي اسلام آباد ۾ ٻين مصروفيتن سان گڏ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پُڻ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ علائقائي سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي …

راولپنڊي- 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين گڏيل اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هم آهنگي وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب چيني پرڏيهي وزير وانگ زي اسلام آباد ۾ ٻين مصروفيتن سان گڏ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پُڻ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ علائقائي سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين سدا بهار گڏيل اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هم آهنگي وڌائڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. وانگ زي پاڪستان جي خودمختياري ۽ ترقي لاءِ چين جي مستقل حمايت کي ورجايو. آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چين جي مسلسل حمايت لاءِ ٿورن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو.