پاڪستان دهشتگردي جي متاثرين جي عالمي ڏينهن کي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ عالمي برادري جي صف ۾ شامل آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردي جي متاثرين جي عالمي ڏينهن کي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري جي صف ۾ شامل آهي، هي ڏينهن اسان کي ان گڏيل ذميواري جي ياد ڏياري ٿو ته اسان دهشتگردي جي سمورن متاثرين سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪريون، انهن جي عظمت کي خراج تحسين پيش ڪريون ۽ ان لعنت جي سمورين …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردي جي متاثرين جي عالمي ڏينهن کي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري جي صف ۾ شامل آهي، هي ڏينهن اسان کي ان گڏيل ذميواري جي ياد ڏياري ٿو ته اسان دهشتگردي جي سمورن متاثرين سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪريون، انهن جي عظمت کي خراج تحسين پيش ڪريون ۽ ان لعنت جي سمورين شڪلين ۽ قسمن جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪريون. خميس ڏينهن 21 آگسٽ 2025ع تي دهشتگردي جي متاثرين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو سڌوسنئون شڪار آهي جنهن ۾ تازو ئي جعفر ايڪسپريس تي مبينا دهشتگرد حملي جنهن ۾ معصوم شهري مارجي ويا ۽ خضدار ۾ اسڪول بس کي بم ڌماڪي سان اڏائڻ وارو واقعو به شامل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن سميت ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون. اهو ڪو پهريون واقعو نه آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي سرحدن کان پار کان منظم سازش ۽ منصوبابندي سان ڪئي وڃي ٿي. پاڪستان دهشتگردي جي نئين شڪل کي پڻ منهن ڏئي رهيو آهي، جن ۾ جعلي خبرن ۽ غلط معلوماتي مهمن، ڀارتي سرپرستي ۾ غيرعلائقائي قتل جي مهمن ۽ پاڻي دهشتگردي (هائيڊرو ٽيررازم) شامل آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام بي مثال استقامت جو مظاهرو ڪندي نه رڳو پنهنجي ملڪ پر علائقائي ۽ عالمي امن جي تحفظ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ان جدوجهد ۾ 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي چڪا آهن ۽ قوم کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاشي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اسان پنهنجي شهيدن ۽ هيروز جي شجاعت جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جن جون قربانيون قوم جي لاءِ طاقت ۽ اتحاد جو روشن مثال آهي. هن ڏينهن اسان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا، جيڪي ڀارتي قابض فوج پاران ڪيل رياستي دهشتگردي جي بدترين شڪل کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڏهاڪن کان معصوم ڪشميرين جو منظم قتل، جبري گمشدگيون، خودساخته حراست ۽ سنگين انساني حقن جون خلاف ورزيون درپيش آهن. اهڙي طرح غيرانساني ڏاڍ جي باوجود والاريل ڪشمير جي عوام جي مزاحمت گڏيل قومن جي منظور ڪيل خودمختياري جي حق جي مطالبي تي برقرار آهي. اهڙي طرح اسان فلسطين جي مستحڪم عوام کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جيڪي اسرائيلي قابض فوج پاران مسلسل جارحيت، منظم انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ رياستي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن. انهن جا قدم نه رڳو عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهن پر فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ جي برابر آهن. ڊگهي مدي واري غيرحل ٿيل تڪرارن، غيرملڪي قبضي ۽ خودمختياري جي حق کان انڪار انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جون حالتون پيدا ڪن ٿا جن کي گڏجي حل ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اڄ جڏهن اسان دهشتگردي جي متاثرين کي ياد ڪري رهيا آهيون، اسان عالمي برادري کي اپيل ڪريون ٿا ته اها اسان سان گڏجي عالمي حصيداري، مڪالمي ۽ تعاون کي مضبوط بڻائي، بنا ڪنهن فرق جي دهشتگردي جي خاتمي، متاثرين ۽ انهن جي خاندانن جي حمايت ۽ پرامن ۽ محفوظ دنيا قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري.