راولپنڊي - 21 آگسٽ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي (سي جي سي ايس سي) جنرل ساحر شمشاد مرزا، اين آءِ، اين آءِ (ايم) ازبڪستان سان پاڪستان جي گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي علائقائي امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ تعاون جي لاءِ گڏيل عزم تي زور ڏنو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب سي جي سي ايس …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي ازبڪستان جي سرڪاري دوري دوران ازبڪستان جي صدر، دفاع واري وزير ۽ قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري سان ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي – 21 آگسٽ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي (سي جي سي ايس سي) جنرل ساحر شمشاد مرزا، اين آءِ، اين آءِ (ايم) ازبڪستان سان پاڪستان جي گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي علائقائي امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ تعاون جي لاءِ گڏيل عزم تي زور ڏنو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب سي جي سي ايس سي ازبڪستان جي سرڪاري دوري دوران ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزييوئيف، دفاع واري وزير ميجر جنرل شڪرت خولمخيدوف ۽ قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل وڪٽر مخمودوف سان ملاقاتون ڪيون. ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي زور ڏيندي عالمي ۽ علائقائي جاگرافيائي سياسي ۽ سلامتي جي ماحول جو احاطو ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين دفاع ۽ سلامتي جي شعبن، رستي ۽ ريل رابطي ۽ تعاون جي ٻين رخن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي اميد ظاهر ڪئي. جي سي ايس سي چيئرمين ازبڪستان سان پاڪستان جي گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ تعاون جي لاءِ گڏيل عزم تي زور ڏنو. ازبڪستان جي قيادت پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ انهن جي قربانين کي ساراهيو.











