صدر آصف علي زرداري جي شهيد ميجر رضوان طاهر جي رهائشگاهه آمد، گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيد ميجر رضوان طاهر جي رهائشگاهه تي ويو، گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ميجر رضوان جان ڏئي قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ميجر رضوان طاهر نوشڪي آپريشن ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهادت …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيد ميجر رضوان طاهر جي رهائشگاهه تي ويو، گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ميجر رضوان جان ڏئي قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ميجر رضوان طاهر نوشڪي آپريشن ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهادت ماڻي هئي. صدر شهيد جي رهائشگاهه تي ويو ۽ گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. صدر شهيد آفيسر کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ميجر رضوان شهيد بهادر ۽ ارڏو آفيسر هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ميجر رضوان فرض جي راهه ۾ جان قربان ڪري شهادت جو عظيم مثال قائم ڪيو آهي. صدر ان عزم جو اظهار ڪيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.