اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندي گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڏي پئماني تي امدادي قافلو روانو ڪيو. اسلام آباد ۾ امدادي سامان روانگي جي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ …
سعودي عرب پاران خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندي گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڏي پئماني تي امدادي قافلو روانو ڪيو. اسلام آباد ۾ امدادي سامان روانگي جي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پاران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ تعزيت ۽ همدرديءَ جو پيغام پهچايو. هن چيو ته قدرتي آفت سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي سعودي قيادت ۽ عوام دلي ڏک جو اظهار ڪن ٿا ۽ مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. سعودي سفير چيو ته ڪنگ سلمان هيومنٽيرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر جي ذريعي پاڪستان جي متاثر ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ فوري امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جيڪا ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي آهي. امدادي قافلي ۾ تنبو، کاڌي پيتي جون شيون ۽ طبي سامان شامل آهي جيڪو خيبرپختونخواهه جي سڀ کان وڌيڪ متاثر خاندانن تائين پهچايو ويندو. سفير نواف المالڪي چيو ته ڪنگ سلمان هيومينٽيرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر سڄي دنيا ۾ انسانيت جي خدمت ۾ اڳتي رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ به مشڪل وقتن ۾ گڏ بيٺل آهي. هن پاڪستان جي قيادت، ادارن ۽ عوام جي تعاون تي ٿورا مڃيندي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي سعودي سفير “پاڪ سعودي دوستي زندهه آباد، پاڪستان پائنده آباد” جو نعرو هنيو.











