اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جا اثر پوري دنيا ۾ محسوس ڪيا پيا وڃن ۽ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ۽ عالمي تعاون لازمي آهي، ماحولياتي تبديلي نه رڳو معيشتن کي متاثر ڪري رهي آهي پر سڌوسنئون عام انسانن جي زندگين تي اثرانداز ٿي رهي آهي، ان لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ عملي …
ماحولياتي تبديلي جا اثر پوري دنيا ۾ محسوس ڪيا پيا وڃن: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جا اثر پوري دنيا ۾ محسوس ڪيا پيا وڃن ۽ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ۽ عالمي تعاون لازمي آهي، ماحولياتي تبديلي نه رڳو معيشتن کي متاثر ڪري رهي آهي پر سڌوسنئون عام انسانن جي زندگين تي اثرانداز ٿي رهي آهي، ان لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ عملي قدم وقت جي اهم ضرورت آهن. هو پارليامينٽ هائوس ۾ اٽلي جي ڊوپاسي فائونڊيشن جي 8 رڪني شاگردن جي وفد سان ملاقات ڪري رهيو هو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو ان جي نوجوان نسل آهي جيڪي ڪل آبادي جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو آهي. هن زور ڏنو ته نوجوان ۽ ادارا موجوده دور جي مسئلن جي حل ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪن. سيد يوسف رضا گيلاني پرڏيهي پاڪستانين جي ڪردار کي قومي معيشت جي استحڪام ۾ اهم قرار ڏنو ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وقت جي گهرجن سان هم آهنگ حل ڳولڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. اڳوڻي وزيراعظم جي حيثيت سان پنهنجي اٽلي جي دوري جو ذڪر ڪندي هن ٻڌايو ته ان وقت اٽلي جي وزيراعظم کيس پنهنجي ملڪ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ جي قدمن بابت آگاهه ڪيو جڏهن ته هن به ان موقعي تي ملتان جي تاريخي ۽ ثقافتي اهميت کان پنهنجي اطانوي هم منصب کي آگاهه ڪيو هو. سينيٽ چيئرمين چيو ته عورتن ۽ اقليتن کي بااختيار بڻائڻ سدائين سندس ترجيحن ۾ شامل رهيو آهي. هن پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو جنهن عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ تاريخي قانونسازي ۽ قدم کنيا. اهڙي طرح اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي ڪردار کي پڻ هن ساراهيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. صحت ۽ تعليم جي شعبن کي هن پنهنجي ذاتي دلچسپي جي ويجهو قرار ڏيندي چيو ته سندس بزرگن به انهن ميدان ۾ قيمتي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته صحت جي سهولتن ۾ بهتري ۽ خواندگي جي شرح وڌائڻ جي لاءِ ماضي ۾ قدم کنيا ويا ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. وفد کي بريفنگ ڏيندي ڊوپاسي فائونڊيشن جي سي اي او ٻڌايو ته فائونڊيشن صحت، تعليم، فارماسيوٽيڪلز ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن اهم شعبن ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ 17 عالمي يونيورسٽين سان حصيداري قائم ڪئي آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا جي هڪ ڪمپني سان مشاورت جاري آهي.











