اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته برطانوي حڪومت بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ پاڪستان جي هر ممڪن مدد جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر پاڪستان ۾ تازي سانوڻي ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ …
برطانوي وزيراعظم پاران پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته برطانوي حڪومت بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ پاڪستان جي هر ممڪن مدد جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر پاڪستان ۾ تازي سانوڻي ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي موڪليل خط ۾ وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام سان جاني نقصان تي دلي همدرديءَ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. خط ۾ برطانوي وزيراعظم چيو ته هو برطانوي حڪومت ۽ عوام پاران پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ دوران وڏي پئماني تي تباهي تي گهري ڏک جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته سندس دلي همدرديون سمورن متاثرين سان گڏ آهن، برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستان سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي خاندانن جي لاءِ اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، سموري برطانوي عوام پاڪستاني عوام سان هن مشڪل وقت ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. برطانوي وزيراعظم ان صورتحال ۾ ايمرجنسي ريسپانس ۽ انتهائي نامناسب حالتن ۾ متاثرين جي مدد ڪندڙ رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ان موقعي تي برطانوي حڪومت پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ اڳتي به بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ برطانوي حڪومت پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.











