راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 9 مئي جي ذميدارن ۽ سهولت ڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻو پوندو، ڀارت کي پاڪستان ۽ پاڪ فوج جو ڀرپور جواب مليو ته ان جي پنهنجي پراڪسيز ۽ پاڻ ڊس ڪريڊٽ ٿي ويو، نيشنل ايڪشن پلان جي 14 نُڪتن تي مڪمل عمل تمام ضروري …
9 مئي جي ذميدارن ۽ سهولت ڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻو پوندو: ڊي جي، آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 9 مئي جي ذميدارن ۽ سهولت ڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻو پوندو، ڀارت کي پاڪستان ۽ پاڪ فوج جو ڀرپور جواب مليو ته ان جي پنهنجي پراڪسيز ۽ پاڻ ڊس ڪريڊٽ ٿي ويو، نيشنل ايڪشن پلان جي 14 نُڪتن تي مڪمل عمل تمام ضروري آهي. اهڙو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ڊي جي، آءِ ايس پي آر چيو ته سهيل وڙائچ جي جنهن آرٽيڪل جي ڳالهه ٿي رهي آهي اهو برسلز جو ايونٽ هو ۽ اُتي سوين ماڻهن فيلڊ مارشل سان تصويرون ڪڍرايون ۽ آرمي چيف طرفان ڪوبه انٽرويو نه ڏنو ويو. پي ٽي آءِ جو ڪو ذڪر نه ٿيو ۽ نه ئي معافي جو ذڪر ٿيو، ذاتي مفاد ۽ مشهوريءَ لاءِ هي هڪ صحافي جي پنهنجي ڪوشش آهي. هن چيو ته 9 مئي جي ذميدارن ۽ سهولت ڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻو پوندو، افسوس جي ڳالهه آهي ته سينيئر صحافي ٿي به غير ذميداريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان خطي جي تقدير بدلڻ وارو ملڪ آهي، اهوئي سبب آهي جو ان تي لاڳيتو حملا ٿين ٿا، هندستان جو خيال هو ته پنهنجي دهشتگرد پراڪسيز ۽ ٻين سهولت ڪارن جي مدد کانپوءِ جڏهن هو حملو ڪندو ته پاڪستاني فوج کي آسانيءَ سان ڊس ڪريڊٽ ڪري ڇڏيندو پر ان جي ابتڙ ٿيو. پاڪستان ۽ پاڪ فوج جو ڀرپور جواب مليو ته ان جي پنهنجي پراڪسيز ۽ پاڻ ڊس ڪريڊٽ ٿي ويو. هن چيو ته ڪنهن ان کي چيو ته هندستان اربين ڊالرن جي عسڪري مشين رکي ٿو ته آسانيءَ سان پاڪستان کي شڪست ڏئي سگهندو، ڪنهن چيو ته ڀارت کي حملو ڪرڻ گهرجي ته جيئن هڪ طرف کان هندستان ۽ ٻئي طرف کان ان جي پراڪسيز فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان به هڪ ئي وقت حملا ڪندا ۽ـ پوءِ دنيا ڏٺو ته پاڪستان ٻنهي محاذن تي دشمن جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مان دهشتگرديءَ کي پاڙؤن پٽڻ لاءِ غير قانوني اسپيڪٽرم کي ختم ڪرڻ جو فيصلو سڀني سياسي پارٽين 2014ع ۾ ڪيو هو، اڄ تائين ان تي مڪمل عمل نه ٿي سگهيو، غير قانوني قيام ڪندڙ افغاني جيڪي ڏوهن ۾ ملوث آهن انهن کي ڪڍون ٿا ته اسان جي ملڪ جا ئي ڪجهه سياسي ۽ ڪرمنل ڪردارن کي مسئلو شروع ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي 14 نُڪتن تي مڪمل عمل تمام ضروري آهي. گورننس جي خال کي فوج، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، روزانو جي بنيادن تي پنهنجو رت ڏئي پورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان اسان جو اثاثو آهن، نوجوانن کي پنهنجي نظرياتي رياست جي ميراث ۽ تاريخ سمجهڻ گهرجي.











