سينيٽ چيئرمين جي لبيا جي خودمختيار فنڊ جي وفد سان ملاقات

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ لبيا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته توانائي، پائيدار انفراسٽرڪچر، زرعي روانگي واپار، ايس ايم اي فنانسنگ، فِن ٽيڪ ۽ اسلامي بئنڪاري جهڙن شعبن ۾ حصيداري نه صرف ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيندي پر مالياتي جدت، پائيدار استحڪام ۽ گڏيل خوشحاليءَ کي به يقيني بڻائيندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ لبيا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته توانائي، پائيدار انفراسٽرڪچر، زرعي روانگي واپار، ايس ايم اي فنانسنگ، فِن ٽيڪ ۽ اسلامي بئنڪاري جهڙن شعبن ۾ حصيداري نه صرف ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيندي پر مالياتي جدت، پائيدار استحڪام ۽ گڏيل خوشحاليءَ کي به يقيني بڻائيندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اها ڳالهه هن لبيا جي خودمختيار فنڊ لبيا آفريقن انويسٽمينٽ ڪمپني جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران چئي. وفد جي اڳواڻي ڊائريڪٽر مقرر ايل اي ايف آءِ سي او جهاد جمال البراغ ڪئي، جڏهن ته پاڪ- لبيا هولڊنگ ڪمپنيءَ جي ايم ڊي ۽ سي اِي اوطارق محمود، ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر بشير بي عمر متوغ ۽ سينيئر ايگزيڪيوٽو وائس پريزڊنٽ ڪمپني سيڪريٽري عامر ظريف خان به وفد ۾ شامل هئا. سينيٽ چيئرمين وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ لبيا وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻَڌل لاڳاپا 1978ع ۾ پاڪ- لبيا هولڊنگ ڪمپني جي قيام سان وڌيڪ مضبوط ٿيا. ان ڪمپنيءَ جي هاڻوڪي بحالي ۽ نئين قيادت تحت بهتر گورننس، سيڙپڪاري ۽ ايس ايم اي، نجي شعبي، تجديد جوڳي توانائي جي شعبن ۾ مالي معاونت جي ڪردار کي ساراهيو. جهاد جمال البراغ، سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي چيو ته هيءَ ملاقات ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته پاڪستان ٻه طرفي اقتصادي لاڳاپن کي ڪهڙيءَ ريت اهميت ڏئي ٿو. هن خاطري ڪرائي ته ايل اي ايف آءِ سي او پاڪستان تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي. نَون شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا تلاش ڪري رهيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪ- لبيا هولڊنگ ڪمپني جي ايم ڊي، سي اي او طارق محمود، سينيٽ چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته ادارو ڪامياب ٽرن ارائونڊ کانپوءِ هاڻ حاصل ڪيل مينڊيٽ يعني ڊولپمينٽ فنانس انسٽيٽيوشن طور مثبت رُخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ڪمپني پاڪستان ۽ لبيا جي سيڙپڪارن کي ويجهو آڻي توانائي، ٽيڪسٽائل، فارماسيوٽيڪل ۽ ٻين ترجيحي شعبن ۾ گڏيل سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا پيدا ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ ٽيڪسٽائل ۽ فارماسيوٽيڪل سيڪٽرز ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن وڌيڪ سيڙپڪارن کي راغب ڪري سگهجي. ان موقعي تي هن پاڪ- لبيا هولڊنگ ڪمپني جي بورڊ ۾ شامل لبيا جي ميمبرن جي ڪردار کي ساراهيو جن ڪارپوريٽ گورننس، سيڙپڪاريءَ جي حڪمت عملي ۽ رسڪ مئنجمينٽ ۾ واضح خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تجديد جوڳي توانائي، زرعي ويليو چينز، آءِ ٽي ۽ فِن ٽيڪ سان گڏوگڏ اسلامي بئنڪاريءَ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ عملي قدم آڻٽر آهن. سينيٽ چيئرمين وفد کي سينيٽ جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو ته لبيا کي گهرجي ته هو خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل مان ڀرپور فائدو کڻي جيڪو سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ ”ون ونڊو آپريشن“ فراهم ڪري رهي آهي. هن پاڪ- لبيا هولڊنگ ڪمپني طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف جي قدمن، آسان شرطن تي ننڍن قرضن جي فراهمي ۽ پُٺتي پيل شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ کي به ساراهيو. وفد چيئرمين کي آگاهه ڪيو ته ايل اي ايف آءِ سي او پاڪستان ۾ فارماسيوٽيڪل، ٽيڪسٽائل، معدنيات، توانائي ۽ ٻين صنعتن ۾ نئين سيڙپڪاريءَ جا موقعا تلاش ڪري رهي آهي ۽ ڪاروباري برادريءَ وچ ۾ رابطن کي مضبوط بنائڻ لاءِ مختلف چيمبرز آف ڪامرس سان به رابطي ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين جي مشير اعزاز خان وفد کي ايس آءِ ايف سي جي ڪردار تي بريفنگ ڏيندي چيو ته هي ڪائونسل سيڙپڪارن لاءِ هڪ تيز رفتار ۽ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هن خاطري ڪرائي ته سينيٽ جون ڪميٽيون ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ دوستاڻو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.