وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ڍاڪا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر سان ملاقات، واپاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

ڍاڪا-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان گذريل ڏينهن ڍاڪا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو دورو ڪيو ۽ ڍاڪا چيمبر جي صدر تسڪين احمد ۽ بورڊ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پريس رليز موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر …

ڍاڪا-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان گذريل ڏينهن ڍاڪا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو دورو ڪيو ۽ ڍاڪا چيمبر جي صدر تسڪين احمد ۽ بورڊ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. جاري ڪيل پريس رليز موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر عمران حيدر به موجود هو. وفاقي وزير ڍاڪا چيمبر جي فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان تعاون کي ساراهيو.هن بزنس ٽو بزنس نيٽ ورڪنگ ۾ چيمبر جي ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ ايڪسپورٽرز ۽ امپورٽرز ڊيٽا بيس جي فراهمي تي ٿورو مڃيو. وفاقي وزير ڍاڪا چيمبر کي نومبر 2025ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيل ٽئين انٽرنيشنل فوڊ اينڊ ايگريڪلچرل ايگزيبيشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ تجديد جوڳي توانائي، دواسازي، آٽو پارٽس، فاسٽ موونگ ڪنزيومر گڊز، آءِ ٽي، فيشن انڊسٽري ۽ نوجوانن جي ترجيحن جهڙن شعبن ۾ تعاون تي ڳالهيون ڪيون. ڍاڪا چيمبر جي صدر تسڪين احمد واپار واري وزير کي اداري جي تاريخ ۽ ڪاروباري سهولتن بابت آگاهه ڪيو. هن وفدن جي مٽاسٽا، نمائشن ۾ شرڪت ۽ ناليج شيئرنگ ذريعي ٻطرفو واپار وڌائڻ جون تجويزون ڏنيون. هن چيو ته ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي جوڙڻ ٻنهي ملڪن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. ملاقات ۾ ٽيرف ۽ نان ٽيرف رڪاوٽن جهڙن مسئلن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاجسٽڪس کي بهتر بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.