اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيل معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، ان جي خاتمي لاءِ گڏيل عالمي ڪوششون اڻٽر آهن، دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجندڙن کي ياد ڪرڻ ۽ خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سردار اياز …
دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششون اڻٽر آهن: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيل معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، ان جي خاتمي لاءِ گڏيل عالمي ڪوششون اڻٽر آهن، دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجندڙن کي ياد ڪرڻ ۽ خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سردار اياز صادق دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجندڙن شهيدن جي ڪٽنبن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڳري قيمت چُڪائي آهي، پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏني آهي. دهشتگرديءَ سان ملڪي معيشت کي اربين ڊالرن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. سردار اياز صادق چيو ته مخالف قوتن جا حمايت يافته دهشتگرد پاڪستان ۾ امن ۽ ترقيءَ کي نقصان پهچائڻ جي سازشن ۾ ملوث آهن. پاڪستاني قوم جرئت، اتحاد ۽ حوصلي سان دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪيو آهي. اياز صادق چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جوان اڄ به دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي رهيا آهن. قومي ايڪشن پلان ۽ سماجي اقتصادي قدمن سان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي ڪمزور ڪيو آهي. دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي ان جي خاتمي لاءِ گڏيل عالمي ڪوششون اڻٽر آهن. سردار اياز صادق چيو ته دنيا ۾ پائيدار امن ان وقت ممڪن آهي جڏهن سڀئي ملڪ دهشتگرديءَ خلاف متحد ٿين. شهيدن جون قربانيون قومي تاريخ جو روشن باب آهن ۽ هميشه ياد رکيون وينديون. آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي. اسپيڪر چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي عوام کي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. فلسطين ۾ جاري اسرائيلي دهشتگردي دنيا لاءِ امتحان آهي. سردار اياز صادق چيو ته فلسطين ۾ هزارين ماڻهو اسرائيلي دهشتگرد ڪاررواين جو نشانو بڻجي چڪا آهن. دنيا فلسطين ۽ ڪشمير ۾ دهشتگردي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.











