اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز ننڍي چونڊ لاءِ پارٽي اميدوارن کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. گذريل ڏينهن پي پي پي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين اين اي 143ساهيوال 3 ۽ 185 ڊي جي خان 2 ۽ پي پي 203 ساهيوال 6 جي خالي ٿيل سيٽن لاءِ پارٽي اميدوارن کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته درخواستون …
پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز ساهيوال ۽ ڊي جي خان ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پارٽي اميدوارن کان درخواستون طلب ڪري ورتيون

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز ننڍي چونڊ لاءِ پارٽي اميدوارن کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. گذريل ڏينهن پي پي پي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين اين اي 143ساهيوال 3 ۽ 185 ڊي جي خان 2 ۽ پي پي 203 ساهيوال 6 جي خالي ٿيل سيٽن لاءِ پارٽي اميدوارن کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته درخواستون پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي سيڪريٽري جنرل جي نالي موڪليون وڃن. قومي اسيمبلي جا اميدوار درخواست سان گڏ 50 هزار جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جا اميدوار 30 هزار جو بئنڪ ڊرافٽ هائوس نمبر 8 گلي نمبر 19 ايف ايٽ ٽو زرداري هائوس اسلام آباد جي ايڊريس تي 28 آگسٽ 2025ع تائين موڪلين.











